اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل ق??مي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار ارشد مجيد چوڌري سميت 5 جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اي پي پي جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد، سندس پٽ تيمور ارشد، سعد يوسف، قيصر جواد ۽ فواد خان کي عدالت ۾ پيش ڪري موق?? اختيار ڪيو ته جوابدارن کان ريڪوري ڪري ورتي آهي، جوابدارن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو وڃي. اي پي پي ليگ?? ايڊوائيزر خرم بيگ موق?? اختيار ڪيو ته جوابدارن جي قبضي مان رڪارڊ برآمد ڪر??ئڻ گهربل آهي، جوابدارن کي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي پنجن ئي جوابدارن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ايف آءِ اي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي عدالت مان جوابدارن جون عبوري ضمانتون رد ٿيڻ تي عدالت جي ڪمري ٻاهران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي ق??مي خابرو اداري اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي هئي.
سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس جي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II