باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڪوپ 29 جي موقعي تي ”ڊيليورنگ ارلي وارننگز فار آل اينڊ ايڊرسنگ ايڪسٽريم هيٽ“ جي موضو?? تي منعقد هڪ اعليٰ سط??ي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب موسمياتي تبديلي تي گڏيل قومن جو فريم ورڪ ڪنوينشن ڪوپ 29 باڪو آذربائيجان ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اعليٰ سط??ي تقريب کي خطاب ڪندي 2022ع ۾ ارلي وارننگز فار آل قدم شروع ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي غيرمتوقع ۽ شديد اثرن ??ان زندگين جي تحفظ ۽ ڪميونٽيز جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن آبهوا سان پيدا ٿيندڙ خطرن بشمول ٻوڏ، برفاني ڍنڍن جي ڦاٽڻ، سوڪهڙي ۽ شديد گرمي جي لاءِ شروعاتي آگاهي نظام جي اهميت تي زور ڏنو. هن گرين هائوس گئسن جي متوقع اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اهم قدمن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ گرين پاڪستان پراجيڪٽ، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، وڏي پئماني تي مينگرو جي بحالي جو منصوبو ۽ وڏن شهرن ۾ بي آر ٽي ماس ٽرانزٽ سسٽم شامل آهي. نائب وزيراع??م ترقي يافته ملڪن ??ان به مطالبو ڪيو ته اهي اسرندڙ ملڪن جي آبهوا جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پهچ جوڳي ۽ گرانٽ تي ٻڌل موسمياتي فنانسنگ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مالياتي واعدن جو احترام ڪن.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوپ 29 جي موقعي تي اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ