اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته سفارتي م??رو??يتن ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هي?? اجلاس جي تيارين کي نظر ۾ رکندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هي?? اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ نه ويندو. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هي?? اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي شرڪت بابت ميڊيا جي قياس آرائين جي حوالي سان وضاحت ڪندي ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت واري پروگرام ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ