اسلام آباد – 05 ?? جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر کي پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏ??ي آهي. نائب وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خ??شي واري پيغام ۾ چيو ته آئون برطانيا ۾ پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مبارڪباد ڏ??ان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ گهري ۽ وسيع البنياد لاڳاپا رکندڙ آهن. نائب وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سر ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏ??ي ڪم ڪندا.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن