اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نجڪاري پروگرام جي لاءِ 24 ادارن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ناڻي واري وزير، واپار واري وزي??، نجڪاري واري وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، اسٽيٽ بئنڪ آف پا??ست??ن جي گورنر، ايس اي سي پي جي چيئرمين کانسواءِ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽرين ??ڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته سي سي او پي کي نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 5 (بي) موجب پي سي بورڊ جي سفارشن جي بنيادن تي نجڪاري واري وزارت پاران مرحليوار نجڪاري پروگرام (29 – 2024ع) سان گڏ پيش ڪ??و ويو هو، خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري جي منظوري ڏني ويندي. فيڊرل فوٽ پرنٽ رڳو وفاقي حڪومت جي ڊومين تحت اسٽريٽجڪ ۽ ضروري ايس او ??ي تائين محدود هوندو. سي سي او پي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايس او ??ي منافعو ڪمائيندڙ کي به نجڪاري جي لاءِ غور ڪ??و ويندو، نجڪاري پاليسي جي رهنما رخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ سي سي او پي ايس او ??ي ايڪٽ ۽ پاليسي جي روشني ۾ چور سي ايس او ??ي تي تفصيل سان غور ڪيو. چاليهه ايس او ??ي جيڪي حڪمت عملي يا اهميت جي طور تي درجابند ڪيا ويا آهن، لاڳاپيل وزارتن جي ذريعي انهن جي درجابندي جي لاءِ رياستي ملڪيتي ڪاروباري ادارن جي سامهون رکيا ويندا. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته اهي ايس او ??ي جن کي حڪمت عملي يا اهميت جي طور تي درجابندي نه ڪ??و ويندو، نجڪاري پروگرام ۾ شامل ڪ??و ويندو. سي سي او پي نجڪاري واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل وزارتن پاران ارڙهن ايس او ??ي کي انهن سان مشاورت ۾ شامل نه ڪرڻ جي لاءِ فراهم ڪيل استدلال غور ڪري، هر هڪ بابت ٺوس تجويزون پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ سي سي او پي کي پيش ڪئي ويندي. سي سي او پي نجڪاري پروگرام جي لاءِ 24 ادارن جي منظوري ڏني، اصولي طور تي في الحال نجڪاري واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اها لاڳاپيل وزارتن سان مشاورت سان هر اداري کي مرحليوار طئي ڪري. سي سي او پي جي ايندڙ اجلاس ۾ هڪ جامع مرحليوار نجڪاري پروگرام کي حتمي شڪل ڏني وڃي، سي سي او پي او ??ي ڊي سي ايل جي 322460900 شيئرز جي نجڪاري ڪميشن جي سي ڊي سي جي اڪائونٽ مان توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) کي منتقل ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو، معاملي کي قانون ۽ انصاف ڊويزن کي ان هدايت سان موثر ڪ??و ويو ته اها فوري طور تي سوورين ويلٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع جي شقن جو فوري طور تي جائزو وٺي، ان جي ايندڙ اجلاس ۾ سي سي او پي جي سامهون پنهنجون سفارشون پيش ڪري.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج