اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جو پرڏيهي وز??ر بختيار سيدوف اڄ خميس ڏينهن صدر آصف علي زردار سان ملاقات ڪندو، هو عسڪري قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ازبڪستان جو پرڏيهي وز??ر هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي ۽ هن گذريل ڏينهن وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ازبڪ پرڏيهي وز??ر واپار، واري وز??ر، نجڪاري واري وز??ر ۽ مواصلات واري وز??ر کانسواءِ قومي غذائي ت??فظ ۽ تحقيق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي. هن چيو ته هيستائين ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستا?? جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مضبوط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي فو??مز تي ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي ت??اون ۽ مضبوط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستا?? جي وچ ۾ اقتصادي ت??اون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلويز پراجيڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ازبڪستان جو پرڏيهي وزير صدر ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ڪندو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن