بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 15 هين او آءِ سي سر??راهي اجلاس جي موقعي تي گيمبيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان بنجول ۾ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستاني ڪميونٽي کي 15 هين او آءِ سي سر??راهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هڪ ??ڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته محمد اسحاق ڊار پاڪستاني ڪميونٽي کي سر??راهه اجلاس دوران ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بنجول ۾ پنهنجي ملاقاتن ۽ سرگرمين با??ت ٻڌايو. پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير پاران انهن کي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪرڻ تي کيس ساراهيو. هنن نائب وزيراعظم کي پنهنجي ڪجهه مسئلن با??ت ٻڌايو ۽ انهن تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن پاڪستان ۽ گيمبيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون. گيمبيا ۾ پاڪستان جو اعزازي قونصل جنرل ڪيبا ڪروبالي، پرڏيهي سيڪريٽري سفير سائرس قاضي ۽ سينيگال ۾ پاڪستان جي سفير صائمه سيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي گيمبيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان بنجول ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن