اسلام آباد-05 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، اسان جو عزم آ??ي ته هر ٻار عالمي معيار جي تعليم تائين رسائي حاصل ڪري. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن پُرمسرت موقعي تي آئون پنهنجي استادن جي دل سان واکاڻ ڪريان ٿو جيڪي اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ اوهان جو ڪردار قدر جوڳو آهي، هن چيو ته اسان تعليمي نظام ۾ فرق کي ختم ڪرڻ، هڪ منصفاڻو ۽ جامع نظام بڻائڻ لاءِ پرعزم آ??يون، اسان کي پنهنجي شاگردن کي گلوبل ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ گهربل مهارتن ۽ علم سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سمورن استادن کي جديد ترين تدريسي طريقن سان بااختيار بڻائڻ لاءِ مسلسل پيشيوراڻي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ايندڙ ن??ل جي پرورش ۾ اوهان جي لگن واکاڻ جوڳي آهي.
نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم