اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزاد?? تي ڀاشن ڏيندڙن چار سال پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو، صحافين جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، گذريل چار سال اظهار راءِ جي آزادي جو گلو دٻايو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين کان جڏهن معاشي بدحالي، مهانگائي، آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي جو پڇو ته چوي ٿو ته مون وٽ معاشي ٽيم سٺي نه هئي، توشه خانه ۽ 190 ملين جي چوري جو پڇو ته ملبو پنهنجي ايم ايس ۽ پنهنجي ڪ??بينا تي وجهي ڇڏي ٿو، هي شخص بالٽي، دٻو، فراسي وجهي عدالت پيش ٿئي ٿو، ان وٽ چوري جو ڪو جواب نه آهي، اسان گذريل چار سال سينسرشپ ڀوڳي آهي، اسان بالٽي، دٻو ۽ فراسي منهن تي وجهي نه ويٺاسين پر ڪنڌ کڻي بهادري سان ان جو مقابلو ڪيو، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع سنجيده قانونسازي آهي، منهنجي درخواست تي اهو بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪم??ٽي ڏانهن موڪليو ويو، ان تي تعميري راءِ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سال هڪ نالائق، نااهل، چور ۽ فاشسٽ ٽولو پارليامينٽ ۽ حڪومت تي قابض هو جنهن چار سالن تائين پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو ۽ اڄ صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزاد?? تي ڀاشن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي مان منظوري کانپوءِ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪيو، ان بل ج?? تيار?? تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي، ميڊيا جي سمورين نمائنده تنظيمن بشمول پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن ان بل تي پنهنجي راءِ ڏني ۽ منهنجي رهنمائي ڪ??ي جنهن آئون انهن سڀني جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته هي هڪ اهڙو بل آهي جيڪو پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي سگهه ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اڄ سينيٽ ۾ جڏهن بل پيش ٿيو ته ٻئي طرف ويٺل سينيٽرن ان بل تي ڳالهه ڪرڻ چاهي، مون ان بل بابت سينيٽ ک?? آگاهه ڪيو ته بل ۾ ڪهڙيون ترميمون ڪ??ون پيون وڃن. هن چيو ته 2002ع جي مشرف دور ۾ پيمرا آرڊيننس تحت ڪا انفارميشن ميڊيا تي نه ٿي هلائي سگهجي جيستائين ان ۾ موقف موجود نه هجي. هن چيو ته هن بل ۾ مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق بيان ڪ??و ويو آهي ۽ ان ۾ غلطي جي گنجائش کي رکيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمين کان اختيار وٺي اٿارٽي ۽ پوءِ ڪائونسل آف ڪم??لينٽ کي ڏنو ويو آهي. ڪائونسل آف ڪم??لينٽ ۾ به ميديا کي نمائندگي ڏني وئي آهي. هن چيو ته هي بل اٽڪل 20 ڏينهن تائين پبلڪ ڊومين ۾ رهيو، ان تي مشآورت به پبلڪ ٿيندي رهي آهي. هن چيو ته پيمرا ترميمي بل جي سمورين ميڊيا تنظيمن، قومي اسيمبلي، قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني ۽ منهنجي خواهش آهي ته هن بل تي سينيٽرز جي به راءِ اچي، هي هڪ سنجيده قانونسازي آهي، ان کي تڪراري نه ٿا بڻائڻ چاهيون، مون سينيٽ چيئرمين کي درخواست ڪئي آهي ته هي بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪم??ٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته سينيٽ چيئرمين منهنجي درخواست منظور ڪندي هي بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪم??ٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن بل تي سينيٽرز جي راءِ وٺڻ جي لاءِ فل هائوس هو، اتي راءِ اچي سگهي پئي پر اسان ان تي هڪ پراسيس کي مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪ??هن به قسم جو ڪو اعتراض نه اچي ان لاءِ هن بل کي اسٽينڊنگ ڪم??ٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته هي اهو دور نه آهي جڏهن صحافين جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا وڃن، جڏهن ملڪ جي وزيراعظم کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ملي، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون لڳن، انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙيون وڃن. هن چيو ته هن بل جي پراسيس کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪم??ٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي پوري قيادت سينسرشپ ڀوڳي آهي، گذريل چار سال اظهار راءِ جي آزادي جو گلو دٻايو ويو، اسان بالٽي، دٻو ۽ فراسي منهن تي وجهي نه ويٺاسين پر اسان ڪ??ڌ کڻي بهادري سان ان جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته پيمرا (ترميمي) بل تي سمورن سينيٽرن جي راءِ اهميت رکندڙ آهي، بل تي تعميري راءِ هجڻ گهرجي ته جيئن قانونسازي کي بهتر بڻائي سگهجي پر مخالفت براءِ مخالفت نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ”ڪو ريگيوليشنز“ ۽ ”سيلف ريگيوليشنز“ طرف وڌي رهي آهي، ان ڏس ۾ پوري دنيا جي قانونن ۽ طريقن کي ڏسندي پيمرا قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جو چيئرمين مفرور آهي، هو ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿئي ٿو، هي بل تمام اهم آهي، ان ۾ دير نه ٿي ڪ??ي سگهجي، سينيٽ چيئرمين وٽ اختيار آهي ته هو ڪم??ٽي جي ميمبرن مان ڪ??هن کي به قانونسازي جي لاءِ وقتي چيئرمين بڻائي سگهي ٿو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي آر اي هن بل ج?? تياري ۾ منهنجي ڀرپور رهنمائي ڪ??ي، ان ترميمي بل تحت ڪائونسل آف ڪم??لينٽ ۾ ڪنهن ميڊيا تنظيم جي نالي سان نمائندگي جو لفظ نه آهي پر ميڊيا ورڪنگ جرنلسٽس جي نمائندگي جو لفظ داخل آهي. هن چيو ته اٿارٽي جي ڪ??ئونسل آف ڪم??لينٽ جنهن بابت به معاملو هوندو، ان کي گهرائي سگهي ٿي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ان جي نيت ۽ مقصد صاف آهي، سينسرشپ اسان ڀوڳي آهي پر موجوده اپوزيشن ناهي ڀوڳي. هن چيو ته اسان جي نيت صاف آهي، انشاءَ الله هي بل سينيٽ مان به منظور ٿيندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان جڏهن پڇيو وڃي ته معيشت ڇو بحال نه ٿي، ڇو بدحالي جو شڪار ٿي، مهانگائي ڇو ٿي، آءِ ايم ايف وٽ ڇو ويا، ڇو انهن جي سخت شرطن تي صحيحون ڪ??ون، پوءِ ان جي خلاف ورزي ڇو ڪئي ۽ پروگرام معطل ڇو ڪرايو ته جواب ڏي ٿو ته موٽ سٺي معاشي ٽيم نه هئي، جڏهن کانئس 190 ملين جي چوري جو پڇو ته چوي ٿو ته مون کي ڪهڙي خبر، منهنجي ڪ??بينا کان پڇو. جڏهن توشه خانه جي گهڙيءَ تي جواب گهرو ته چوي ٿو ته منهنجي ايم ايس کي خبر هوندي، اهو خريد ۽ وڪرو ڪندو هو ۽ پوءِ دٻو، فراسي ۽ بالٽي منهن تي وجهي عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو. هن چيو ته هي اهو شخص آهي جيڪو پاڪستان جي عوام سان اکيون نه ٿو ملائي سگهي.
اظهار راءِ جي آزادي تي ڀاشن ڏيندڙن چار سال پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha