ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)پاڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني تي امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن مقامي انتظاميه سان گڏجي طوفان سبب متاثر ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪي?? ۽ کاڌي پيتي جون شيون ??راهم ڪي??ن. پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون ??ن وقت تائين ڪي??ي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چ??هڙ جمالي ۽ جاتي شهر جي مختلف سامونڊي علائقن مان 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي و??تو آهي. بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻيڙين کي اورماڙه نيول هاربر تي لنگر انداز ڪي?? ويو آهي. پاڪ بحريه جا جهاز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جاري ر??يو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آفت سٽيل علائقن ۾ پاڪ بحريه جو جاري رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو ثبوت آهي.
پاڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي طوفان سبب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج