اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي نظرثاني ٿيل ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايندڙ مالي سال قومي ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 2709 ارب رپيا هوندو، مجموعي ترقياتي پروگرام ۾ وفاق 1150 ارب رپيا خرچ ڪندو ج??هن ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جڏهن ته 950 ارب رپيا وفاق جو پي ايس ڊي پي هوندو، صوبن جي مجموعي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب رپيا هوندي، پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 426 ارب رپيا ۽ خيبرپختونخواهه جي 268 ارب رپيا هوندي جيڪا ايندڙ چئن مهينن جي لا??ِ آهي، سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ 617 ارب رپيا جڏهن ته بلوچستان ??ي سالياني ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 248 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سيد نويد قمر، اسحاق ڊار، احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، ??عظ?? خان، سينيٽر نثار احمد کهوڙو، خيبرپختونخواهه جي ناڻي ۽ توانائي واري صلاحڪار حمايت الله، بلوچستان ??ي سينيئر وزير ۽ ناڻي واري وزير نور محمد دُمڙ شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. قومي اقتصادي ڪائونسل ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ تفصيلي مشاورت ڪئي. وزير??عظ?? اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته صوبا وفاق جون اڪائيون آهن ۽ پاڪستان ??ي خوشحالي تيستائين ممڪن نه آهي جيستائين صوبا خوشحال نه هجن. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته محدود معاشي وسيلن جي باوجود حڪومت صوبن جا ترقياتي مطالبا پورا ڪندي ۽ وسيلن جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ يقيني بڻائيندي، ان ??والي سان منصوبابندي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته صوبن کي ملندڙ فنڊز ۾ ڪ??هن به قسم جي تخصيص نه ڪئي ويندي پر سمورن صوبن کي ا??هن جي ضرورتن موجب موجوده وسيلا منصفاڻي ۽ شفاف بنيادن تي ورهايا ويندا. هن چيو ته ملڪي معاشي ترقي اسان ??ي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ملڪي معاشي ترقي جي لا??ِ تعليم، صحت، جديد انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، حڪومت پاڪستان ۾ گرين ريولوشن 2.0 جو بنياد رکي رهي آهي ج??هن سان ملڪ زراعت ۾ پاڻڀرو ٿيندو، حڪومت زراعت جي شعبي جي جدت، پيداوار ۾ اضافي ۽ في ايڪڙ لاڳت ۾ گهٽتائي جي لا??ِ قدم کڻي رهي آهي. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته 2018ع ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) حڪومت ڇڏي تڏهن وفاقي ترقياتي بجيٽ 1000 ارب رپيا هئي جيڪا 22 – 2021ع ۾ گهٽ ڪري رڳو 550 ارب رپيا ڪئي وئي، ان ڏوهاري فعل سان ملڪي ترقي کي ڄاڻي واڻي روڪيو ويو پر موجوده حڪومت معاشي چئلينجز جي باوجود ترقياتي بجيٽ ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪري ان کي ايندڙ سال جي لا??ِ 1150 ارب رپيا ڪيو آهي ته جيئن نه رڳو پاڪستان ??رقي ڪري پر ان ??رقي جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچي سگهن. قومي اقتصادي ڪائونسل کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جي ڇڏيل معاشي مشڪلاتن ۽ پاڪستان ۾ تاريخي ٻوڏ سان معيشت کي 30 ارب ڊالر جي نقصان ??ي باوجود هلندڙ سال حاصل ٿيندڙ واڌويجهه جي شرح 0.3 سيڪڙو رهي، گذريل حڪومت مالي سال 22 – 2021ع ۾ 84 ارب ڊالر جي برآمدات ڪئي ج??هن جي ڪري پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي معاشي مشڪلاتن ۾ شديد اضافو ٿيو، ايندڙ مالي سال جي لا??ِ ترقي جي شرح جو هدف 3.5 سيڪڙو تي رکڻ جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ مجموعي طور تي سيڙپڪاري جي شرح 13.61 سيڪڙو رهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ ان ??و هدف پڻ وڌائي 15 سيڪڙو رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ مالي سال 23 – 2022ع جي نظرثاني ٿيل ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏني وئي. اجلاس مالي سال 24 – 2023ع جي لا??ِ قومي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايندڙ مالي سال قومي ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 2709 ارب رپيا هوندو، مجموعي ترقياتي پروگرام ۾ وفاق 1150 ارب رپيا خرچ ڪندو ج??هن ۾ 200 ارب رپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جڏهن ته 950 ارب رپيا وفاق جو پي ايس ڊي پي هوندو، صوبن جي مجموعي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب رپيا هوندي، پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 426 ارب رپيا ۽ خيبرپختونخواهه جي 268 ارب رپيا هوندي جيڪا ايندڙ چئن مهينن جي لا??ِ آهي، سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ 617 ارب رپيا جڏهن ته بلوچستان ??ي سالياني ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 248 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. سال 24 – 2023ع جي ترقياتي فنڊ ۾ هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. ترقياتي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 1182 اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ 311 نيون جڏهن ته 871 جاري ترقياتي اسڪيمون آهن. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اجلاس ۾ 5 – ايز فريم ورڪ تي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني ج??هن تحت روانگي واپار جي فروغ، اي (ڊيجيٽل) پاڪستان ??ي ترقي، ماحوليات، توانائي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ت??هن ڪري ان فريم ورڪ تحت اهڙي ايجنڊا جوڙي وئي آهي جيڪا پاڪستان ??ي لا??ِ لا??مي آهي، 5 ايز ۾ سڀ کان پهرين روانگي واپار کي وڌائڻ جي لا??ِ قدم کنيا ويندا، حڪومت جي ترجيح آهي ته ا??هن پنجن شعبن جي ذريعي روانگي واپار کي وڌايو وڃي، عالمي مارڪيٽ ۾ 5 شعبن جي ذريعي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ جي لا??ِ قدم کنيا ويندا، ڊيجيٽل پاڪستان ??ه ا??هن مان هڪ منصوبو آهي، ڊيجيٽل جي سهولت پوري پاڪستان کي فراهم ڪرڻ جي لا??ِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي منصوبابندي واري وفاقي وزير پاران ??ر ايف 4 منصوبي تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي منصوبن تي وڏي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، ان ??ي فنڊنگ پاڪستان ??ا ترقياتي حصيدار عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ ڪري رهيا آهن. قومي اقتصادي ڪائونسل ”پاڪستان ??ڪنامڪ آئوٽ لُڪ 2035ع“ جي پڻ اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي حڪومتن ۽ ٻين ڌرين جي مشاورت سان منصوبابندي واري وزارت ان ??و ويزن ڊاڪيومنٽ ۽ اسٽريٽجي يپپر ٺاهيندي، گذريل حڪومت جي ڪا معاشي پلاننگ نه هجڻ جي ڪري ملڪي ترقي سستي جو شڪار ٿي، جيڪڏهن ملڪ انهي رستي تي هلندو رهي ها ته 2035ع ۾ ملڪي معيشت جو ڪاٿو رڳو 550 ارب ڊالر تائين پهچي ها ۽ غربت جي شرح 40 سيڪڙو تائين پهچي وڃي ها، ان ??ي ابتڙ حڪومت ٽرانسفارميشنل گروٿ ماڊل جو ٺوس منصوبو پيش ڪري رهي آهي، ان منصوبابندي تحت پاڪستان ۾ ساليانو 6.2 سيڪڙو واڌويجهه جي شرح حاصل ڪري پاڪستان ??ي معيشت جي ڪاٿي کي 1000 ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو جڏهن ته غربت جي شرح کي به گهٽ ڪري 15 سيڪڙو تائين آندو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 24 – 2023ع جي ترقياتي بجيٽ ۾ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، سماجي شعبي، موسمياتي تبديلي کان ??چاءُ، عالمي معيار جي تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت جي ترقي ۽ توانائي جي شعبي جي جدت ۽ سڌارن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. اجلاس ۾ سي ڊي ڊبليو پي ۽ ايڪنڪ جي اپريل 2022ع کان مارچ 2023ع تائين جي سالياني پروگرام رپورٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس ملڪ ۾ عالمي معيار جي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لا??ِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ 145 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني. ان ??ان ??عليٰ تعليم جي بجيٽ مجموعي طور تي 60 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي ج??هن جي لا??ِ 22 – 2021ع ۾ گذريل حڪومت رڳو 24 ارب رپيا رکيا هئا. ان کانسواءِ 80 ارب رپين جي لاڳت سان نوجوانن جي لا??ِ وزير??عظ?? جي خصوصي قدمن جن ۾ نوجوانن کي ڪاروبار جي لا??ِ آسان قرضن جي فراهمي، پاڪستان ??يجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو قيام، آءِ ٽي اسٽارٽ اپس، ليپ ٽاپ اسڪيم، نوجوانن کي هنر سيکارڻ جي لا??ِ تربيتي پروگرام ۽ وينچر ڪيپيٽل جي فروغ جا پروگرام شامل آهن، جي منظوري ڏني. قومي اقتصادي ڪائونسل کي قومي توانائي بچت پلان ??ي پڻ بريفنگ ڏني وئي، ج??هن جي منظوري وفاقي ڪابينا اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ا??هن سفارشن تي عمل ڪري مختصر عرصي ۾ رڳو ٻارڻ جي درآمدي بل جي مد ۾ 10 – 15 سيڪڙو يعني هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بچت ڪري سگهبي. ان موقعي تي صوبائي حڪومتن کي درخواست ڪئي وئي ته اهي قومي بچت پلان ??ي مختلف رخن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ان قومي فرض ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وجهن.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس، مالي سال 23 – 2022ع جي نظرثاني ٿيل ترقياتي بجيٽ (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا