اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏي??هن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پڻ صدر سان گڏ آهي، ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر م??ڪ عبدالولي ڪاڪڙ اعليٰ صو??ائ?? عملدارن سان گڏ صدر ج?? استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي گورنر هائوس ڪوئيٽا اچڻ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. بعد ۾ صدر بلوچستان جي گورنر سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ٻن ڏي??هن جي دوري دوران 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. صدر گڊ گورننس جي فروغ ۾ محتسبن جي ڪردار تي سيمينار کي پڻ خطاب ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون