اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته عمران نيازي جي معيشت ۽ ان جا ڪم ڪندڙ وسيع ماحول بابت سمجهه بوجهه ڪافي محدود آهي، اهي معاشي چئلينجن ۾ پنهنجي ڪردار کي به وساري ڇڏين ٿا، آءِ ايم ايف معاهدي کي ختم ڪرڻ کان وٺي هن سدائين پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي خواهش ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته اهي ان جي نان اسٽاپ احتجاج، لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي سياست جا منفي اثر ان کانسواءِ آهن جيڪي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي حوالي سان معيشت تي پيا آهن. ??زي??اعظم چيو ته ايستائين جو پاڪستاني سيڙپڪار به عمران نيازي پاران ڄاڻي واڻي ٺاهيل اهڙي غيرمستحڪم ماحول ۾ پنهنجو سرمايو لڳائڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن. ??زي??اعظم چيو ته رڳو 9 مئي جي خوفناڪ واقعن معيشت کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ۽ اهو ان جي ڪڌي ارادن جي نا??اب?? ترديد تائيد آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪرپشن جي ڪسز جي ڪثرت جو ذڪر نه آهي جن ۾ هو ملوث آهي. ??زي??اعظم چيو ته معاشي چلينجز درپيش ضرور آه?? پر قيامت اسان جي مٿان گذري چڪي آهي، معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ وقت سر پاليسي جي ذريعي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسان دوستن ۽ حصيدارن سان گڏجي مالياتي خال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون جتي ضرورت هجي. ??زي??اعظم چيو ته اسان جي لاءِ اصل چئلينج درآمدات تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۽ گڏوگڏ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ آهي جيڪو ان ئي وقت ممڪن آهي جڏهن اسان برآمدات، سيڙپڪاري ۽ پيداوار کي معيشت جو انجڻ بڻايون، اتان ئي اسان جي ڪوشش اڳتي وڌي رهي آهي.
ائين لڳي ٿو ته عمران نيازي جي معيشت ۽ ان جا ڪم ڪندڙ وسيع ماحول بابت سمجهه بوجهه ڪافي محدود آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس