اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي جو پائيدار حل اڻٽر آهي، هٿين خالي ڪشميرين خلاف طاقت جو استعمال نه ته انهن جي آزادي جي تحريڪ کي ڪمزور ڪري س??هي ٿو ۽ نه ئي پاڪستان جي اصولي موقف کي بدلائي س??هي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪشمير سان ايڪتا جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌ??ر پيغامن ۾ ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته ڀارت جو غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير جي معصوم ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ خطي جي امن لاءِ وڏو خطرو آهي، هن چيو ته ڀارت جي هٿ ٺوڪي جمهوري حڪومت طرفان آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي ڪشميري ع??ام کي انهن جي سڃاڻپ ۽ آزادي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عالمي سطح تي ڪشميرين سان ڪيل واعدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل آرٽيڪل جو خاتمو حڪومت جي بي رحماڻي ۽ تعصباڻي پاليسين جي عڪاسي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ??ه پاڪستان ڪشميري ع??ام جي آزادي جي جدوجهد جي اصولي موقف جي حمايت ڪندو رهندو ۽ پاڪستان سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشميرين جي خودمختياري واري جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ??ه پاڪستان والاريل وادي ۾ ڪشميري ع??ام جي خود اراديت واري تحر??ڪ جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ هر فورم تي ڀارتي فوج طرفان ڪشمرين جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندو.
علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب پائيدار حل اڻٽر آهي: اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa