اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ج?? پارليامان?? پارٽي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ نئين چونڊيل حڪومت جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي خراج تحسين پيش ڪندي معاشي بحالي، آئين، عدليه ۽ قومي ادارن جي خلاف سازش جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ وزيراعظم تي زور ڏنو آهي ته آئين ٽوڙيندڙ عنصرن کي آئين جي قوت سان منهن ڏنو وڃي ۽ ملڪ ۾ خانه جنگي ڪرائڻ جي سازش کي ??انون جي طاقت سان ڪچليو وڃي، اڳوڻي وزيراعظم جي قومي ادارن تي حملن جي خلاف زيرو ٽالرنس جو مظاهرو ڪندي فوري طور تي قانوني قدم کنيا وڃن، اتحادي حڪومت عوام سان ڪيل واعدن موجب چونڊ، معاشي، انتظامي سڌارن جو عمل تيز ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ج?? پارليامان?? پارٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. پارليامان?? پارٽي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ نئين چونڊيل حڪومت جي 11 اپريل 2022ع کان هيستائين جي ڪارڪردگي کي خراج تحسين پيش ڪندي ان جي ايجنڊا ۽ قدمن جي تائيد ۽ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ تباهه حال معيشت جي بهتري ۽ عوامي ريليف جي لاءِ خادم پاڪستان جي قدمن کي ساراهيندي ان جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ قرار ڏنو ته گذريل چار سال دوران سخت ترين مهانگائي سان ستايل عوام کي ريليف جي فراهمي خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ اٽو، کنڊ، گيهه سميت ٻي?? ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي عوام دوست جمهوري حڪومت جي عوام دوست جمهوري قدم آهن جن تي خادم پاڪستان ۽ ان جي ٽيم شاباس جي مستحق آهي. اجلاس چيو ته عوام کي چار سال جي گذريل ڪاري دور ۾ جهڙي طرح مهانگائي سان تڙپايو ويو آهي، مشڪل معاشي صورتحال ۾ انهن کي خاطرخواهه ريليف ڏيڻ هڪ چئلينج آهي، جڏهن ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي ۽ بجيٽ خسارن ۾ اضافي جي باوجود عوام تي وڌيڪ اضافي بار نه وجهڻ جو خادم پاڪستان جرئتمندانو فيصلو ساراهه جوڳو آهي. اجلاس اتحادي حڪومت تي زور ڏنو ته اها بجيٽ گنجائش ۾ اضافي سان گڏوگڏ عوام جي ريليف ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون انهي عوام دوست جذبي سان جاري رکي ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي. اجلاس اڳوڻي حڪومت جي معيشت جي بحالي، آئين، عدليه ۽ قومي ادارن جي خلاف سازش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وزيراعظم پاڪستان تي زور ڏنو ته آئين شڪن عنصرن کي آئين جي قوت سان منهن ڏنو وڃي ۽ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سازش کي ??انون جي طاقت سان بنا دير ۽ بنا هٻڪ ڪچليو وڃي. اجلاس وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته اڳوڻي غيرجمهوري وزيراعظم جي آئين ۽ عدليه سميت قومي ادارن تي حملن جي خلاف زيرو ٽالرنس ڏيکاريندي فوري طور تي قانوني قدم کنيا وڃن. پارليامان?? پارٽي آئين، عدليه ۽ قومي ادارن جي قانوني دفاع جي لاءِ قدمن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي. آئين تي عملدرآمد ٿيڻ پاڻ آئين جي گهرج آهي، ان کان انحراف جي سزا به پاڻ آئين تجويز ڪئي آهي. آئين تحت وجود ۾ ايندڙ حڪومت جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ته اها آئين ج?? پاسداري، عملداري ۽ تحفظ کي ??قيني بڻائي. سياست بدران سازش ڪندڪڙن کي ??انون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ آئين جي گهرج آهي. اجلاس قرار ڏنو ته اڳوڻو غيرجمهوري آئين شڪن وزيراعظم عدليه، اليڪشن ڪميشن ۽ قومي ادارن کي رڳو ان لاءِ نشانو بڻائي رهيو آهي ته اهي آئين تي هلي رهيا آهن. اها نه رڳو ادارن ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي پر هڪ ائٽمي ملڪ جي قومي مفادن کي ??ڻ خطرن ۾ وجهندڙ ملڪ دشمن سوچ آهي. پاڪستان جي معيشت ۽ ان جا قومي مفاد ملڪ ۾ ڪنهن انتشار، فتني ۽ فساد ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن. اهڙي ڪڌي سوچ ۽ اعلان ڪندڙ آئين کي ??ه ٿا مڃن ته آئين تحت اهي ڪنهن رعايت جا به مستحق نه آهن. اجلاس حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين، سمورن مڪتبه فڪر، ميڊيا، وڪيلن، سول سوسائٽي، نوجوانن سميت پاڪستان جي سمورن محب وطن طبقن کي اپيل ڪئي ته اهي آئين، عدليه ۽ قومي ادارن جي خلاف سازش جي مذمت ڪن ۽ آئين شڪن شرپسند عنصرن جي خلاف ڀرپور آواز اٿارين. اجلاس مسجد نبوي ﷺ جي حرمت ۽ تقدس جي منافي واقعن جي سخت مذمت ڪندي قرار ڏنو ته مدنيي جي رياست جي دعويدارن مديني جي تقدس ج?? پاسداري نه ڪئي جنهن سان انهن جي کوکلي ۽ مڪروهه ڪردار کي خبر پوي ٿي. ان ڪڌي حرڪت سان نه رڳو هڪ پاڪ جڳهه جي احترام کي ??راموش ڪيو ويو جنهن باب قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ جو واضح حڪم موجود آهي پر ڀائر ملڪ سعودي عرب ۾ ڪيل ان حرڪت سان پاڪستان جي ساک کي به متاثر ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي وئي. اجلاس حڪومت تي زور ڏنو ته اها اهڙا موثر قدم کڻي ته جيئن اڳتي اهڙو ڪڌو فعل ٻي??ر نه ٿئي. اجلاس اتحادي حڪومت جي عوام سان ڪيل واعدن موجب چونڊ، معاشي، انتظامي سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت يت زور ڏيندي اتحاد?? پارٽين کي چيو ته اهي ان ايجنڊا کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وقت جو واضح نظام جوڙين ۽ ان ڏ?? ۾ ??ڏيل بنيادن تي حڪمت عمل جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي سگهن ٿا. اجلاس چئني صوبن جي دوري ۽ ترقياتي منصوبن جي اعلان ۽ چار سال کان رڪيل منصوبن تي ٻي??ر ڪم شروع ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس چيو ته وزيراعظم شهباز شريف وفاق پاڪستان جي مضبوطي ۽ قومي يڪجهتي جي لاءِ جيڪي قدم کڻي رهيو آهي اهي حقيقي جمهوري وزيراعظم جي منصب جي گهرج آهي جنهن کي ??وجوده چونڊيل جمهوري وزيراعظم بهتر طريقي سان پورو ڪري رهيو آهي ۽ اڪائين جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان عمل کي ??ڌيڪ اڳتي وڌائيندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria