اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم ميان محمد شهباز شريف چيو آهي ته منهنجي ??زيرا??ظم بڻجڻ سان عوام جي گهٻراهٽ ختم ۽ عمران خان تي گهٻراهٽ طاري ٿي وئي آهي، هيلي ڪاپٽر ۽ بلٽ پروف گاڏين ۾ گهمندڙن کي ڪهڙي خبر ته عوام ڪيئن سفر ڪري ٿي، انهن کي غريبن جو احساس هجي ??ا ته پشاور موڙ اسلام آباد ايئرپورٽ ميٽرو بس سروس جو منصوبو چار سالن کان دير جو شڪار نه ٿئي ها، جنهن منصوبي تي موت جي ڪيفيت طاري هئي ان کي 5 ڏينهن ۾ بحال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ دفاعي خرچن جي ??اءِ به قرض ورتو ويو، ميٽرو بس منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي عوام جي ??اءِ نواز شريف جو تحفو آهي، قوم سان ڪڏهن به غلط بياني نه ڪندس، ترڪيءَ ۽ چين جي تعاون تي ??ور??ئتا آهيون، ڪي سي آر منصوبي جي ??اءِ چيني قيادت کي تعاون جي درخواست ڪريون ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن، چين جي ??اظم الامور، ترڪيءَ جي سفير ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هن ان منصوبي جو معائنو ڪيو ته ڪم اڌورو پيل هو، لاڳاپيل ادارن 5 ڏينهن ۾ اڌورو ڪم مڪمل ڪري ورتو، ان منصوبي ۾ سڌي ۽ اڻسڌي تعاون تي چين ۽ ترڪيءَ جا ??ور??ئتا آهيون، چين جي ??يادت سدائين پاڪستان جو سمورن فورمن تي ساٿ ڏنو، پاڪستان جي ??عاشي ترقي جي ??اءِ صدر شي جن پنگ سي پيڪ جو تحفو ڏنو آهي جيڪو گيم چينجر منصوبو آهي. هن چيو ته ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي عوام به هر مشڪل ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيا آهن، اسان جا تاريخي رابطا آهن، ننڍي کنڊ جي ??سلمانن مصطفيٰ ڪمال جي ??يادت ۾ ترڪيءَ جي آزادي جي تحريڪ ۾ ان جي حمايت ڪئي هئي. وزيرا??ظم چيو ته اسان جي بزرگن ۽ مائرن ڀينرن ترڪن جي ??اءِ پنهنجون ملڪيتون ۽ زيور تائين قربان ڪيا ۽ ترڪن به ننڍي کنڊ جي ??نهنجي ??سلمان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ان قرباني کي ڪڏهن ناهي وساريو ۽ سدائين ان کي ياد رکيو. هن چيو ته ترڪ به سدائين پاڪستان سان گڏ هڪ جبل وانگر بيٺل رهيا آهن ۽ صدر رجب طيب اردوان جيڪو هڪ مضبوط ۽ مستحڪم معيشت رکندڙ ترڪي جو ليڊر آهي، هن سدائين مشڪل ۽ ضرورت ۾ پاڪستان جي ??دد ڪئي آهي، اسان ترڪي قيادت ۽ عوام جا ??ور?? مڃون ٿا. وزيرا??ظم چيو ته بدقسمتي سان ميٽرو بس جو منصوبو چار سال تعطل جو شڪار رهيو، ان جو اصل ڪاٿو 16 ارب رپيا هو، اهو اڳوڻي وزيرا??ظم ميان محمد نواز شريف جو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين جي ??اءِ تحفو هو، ان منصوبي کي 2018ع ۾ آپريشنل ٿيڻو هو، بدقسمتي سان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تبديل ٿيڻ سان گڏ ئي جهڙي طرح سمورا ٻيا منصوبا رڪجي ??يا، هي منصوبو به دير جو شڪار ٿي ويو ۽ چار سال جمود جو شڪار رهيو. وزيرا??ظم چيو ته اڳ ۾ پگهارن جي ادائيگي ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي کانپوءِ دفاع جا خرچ به قومي آمدني مان پورا ڪيا ويندا هئا پر پي ٽي آءِ جي دور ۾ دفاع جي خرچن جي ??اءِ به وڏي حد تائين اسان کي قرضن تي دارومدار ڪرڻو پوندو رهيو، هي ڳنڀير صورتحال آهي، قومي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي ??نصوبن جي ??اءِ به بدقسمتي سان قرض وٺڻو پوي ٿو، هي 16 ارب جو منصوبو چار سال تعطل جو شڪار رهيو، پوءِ ان ۾ تبديلي ڪئي وئي ۽ ان کي 12 ارب رپين تي آندو، 12 ارب رپيا ساليانو وياج جي شرح 10 سيڪڙو جي حساب سان هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا بڻجي ??ي جڏهن ته 5 سيڪڙو جي حساب سان 66.65 ڪروڙ رپيا بڻجي ??ي، اهڙي طرح چار سالن ۾ اها رقم اڍائي کان 4 ارب رپيا بڻجي ??ي، ڇا اسان جي ??عيشت تعطل جي ڪري ايترو نقصان برداشت ڪري سگهي ٿي؟ وزيرا??ظم چيو ته فنڊز موجود هئا پر ڪم ڪرڻ جو عزم، ارادو ۽ خدمت جو جذبو نه هو، سرڪار کي عوام سان ڪو سروڪار نه هو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ طنز ڪيو ته هو پنهنجي 55 رپيا ف?? ڪلوميٽر جي خرچ واري هيليڪاپٽر تي گهر ۽ آفيس ايندو ويندو هو، وزيرن وٽ بلٽ پروف مهانگيون ۽ آرامده گاڏيون هيون، انهن کي غريب جي ??ار جو ڪهڙو فڪر ۽ پرواهه جو عام ماڻهو کي پنهنجي روزمره جي ڪمن جي ??اءِ ڪهڙي طرح ڀڄڻو ڊڪڻو پوي ٿو، جيڪڏهن انهن کي عوام جو احساس هجي ته هي منصوبو چار سال ته ڇا چار ڪلاڪ به دير جو شڪار نه ٿئي ها، اڳوڻي وزيرا??ظم محمد نواز شريف جي دور ۾ ميٽرو بس ۽ اورنج لائين جا چار منصوبا مڪمل ڪيا ويا، آئون عوام سان ڪا غلط بياني نه ڪندس، نه غلط انگ اکر پيش ڪندس، لاهور ۾ اورنج لائين چين پاران عوام جي ??اءِ تحفو آهي، پي ٽي آءِ جي ??ڪيلن ان عوامي منصوبي کي عدالتن ۾ کڻي وڃي دير جو شڪار ڪرايو، عدليه پوءِ ان منصوبي جي حوالي سان 300 صفحن جو فيصلو لکيو ۽ ڪلين چٽ ڏني، پي ٽي آءِ جي ??ڪيلن گلا ڦاڙي ال??ام لڳايو ته ان منصوبي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي پر جڏهن عدليه ان جو جائزو ورتو ته ڪرپشن جو هڪ رپيو به ثابت نه ٿي سگهيو، اعليٰ عدليه ۾ جڏهن اهو معاملو ٻڌڻي هيٺ آيو ته پي ٽي آءِ جا عهديدار کلي سامهون اچي ويا، انهن ان منصوبي جي خلاف درخواست ڏني، پوءِ بعد ۾ واپس ورتي، اعليٰ عدليه ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ 8 مهينن کانپوءِ فيصلو ٻڌايو، اهڙي طرح اورنج لائين منصوبي ۾ ٻه اڍائي سال جي دير ٿي، جڏهن سپريم ڪورٽ منصوبي جي اجازت ڏني ته پوءِ مون ڏينهن رات محنت ڪري 90 سيڪڙو منصوبو مڪمل ڪيو ته اسان جي حڪومت ختم ٿي وئي، نئين حڪومت ان عوامي ڀلائي جي انتهائي اهم منصوبي کي به دير جو شڪار ڪيو ۽ جڏهن ان منصوبي جو افتتاح ٿيو ته آئون جيل ۾ هئس. هن چيو ته اها صورتحال منهنجي سيني ۾ تير وانگر چُڀي ٿي، حڪومت جو فرض هوندو آهي ته پيءُ بڻجي ??وم جي ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي جي ??اءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري، گذريل حڪومتن جي سٺن منصوبن کي اڳتي کڻي هلي ۽ جيڪڏهن ڪو خراب منصوبو آهي ته قوم کي ٻڌائي ته اها شاهه خرچ آهي ان لاءِ اسان ان کي اڳتي نه ٿا وڌائي سگهون پر پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس جي ??نصوبي بابت اڳوڻي وزيرا??ظم ۽ وزيرن سوچيو ئي نه ڇو ته ان منصوبي سان عام ماڻهو کي فائدو ٿيڻو هو، اڳوڻي حڪومت کي عوام جو ڪو درد نه هو، انهن چار سالن ان منصوبي تي ڪم نه ڪيو ۽ اهو بلڪل بند ٿي چڪو هو، مون وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليندي ئي ان منصوبي تي ڪم جي شروعات ڪرائي ۽ چار ڏينهن ۾ ان کي مڪمل ڪرايو، ان بس منصوبي جي ذريعي روزانو هزارين ماڻهو سفر ڪندا ۽ رمضان ۾ دعائون ڏيندا. وزيرا??ظم سي ڊي اي چيئرمين سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن جا ??ور?? مڃيا جن ڏينهن رات ان منصوبي تي ڪم ڪيو. هن چيو ته عوام جي ??اءِ محنت سان ڪم ڪندڙ آفيسر اسان جي ??ٿي جو تاج آهن ۽ جيڪي قوم جي خدمت نه ٿا ڪن ۽ وقت ضايع ڪن ٿا انهن کي خدا حافظ آهي، ڇو ته هي ملڪ وڏين مشڪلن کانپوءِ وجود ۾ آيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته پنجاب ٽرانسپورٽ اٿارٽي کان 15 بسون اڌار ورتيون آهن، دل ۾ تڙپ هجي ته رستو نڪري اچي ٿو. وزيرا??ظم اعلان ڪيو ته رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو جي ??سافرن کان ڪو ڪرايو نه ورتو ويندو، چار سالن مصنوبي ۾ جيڪا دير ٿي ان جو ڪو ازالو نه ٿو ٿي سگهي پر عوام کي گهٽ ۾ گهٽ اهو احساس ته هجي ته جيڪا اتحادي حڪومت آئي آهي ان هڪ عام ماڻهو کي سهولت فراهم ڪئي آهي. وزيرا??ظم چيو ته آئون اڄ جي ڏينهن اڳوڻي وزيرا??ظم ميان محمد نواز شريف جا ??ور?? ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي عوام لاءِ هي بهترين منصوبو ڏنو. هن چيو ته خدمت جو ساٿ ڏيڻو آهي يا پوءِ فريب جو ساٿ ڏيڻو آهي، ڪوڙ جو ساٿ ڏيڻو آهي يا پوءِ واعدن کي مڪمل ڪرڻ جو ساٿ ڏيڻو آهي. وزيرا??ظم چيو ته هاڻي واعدن کي مڪمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان ڏينهن رات عوام جي ??اءِ ڪوششون ڪنداسين، خدمت ڪنداسين، مشڪل اها آهي ته اڳوڻي حڪومت جي ??زيرا??ظم تي گهٻراهٽ طاري آهي ته اتحادي حڪومت مون کي پنهنجو نمائندو چونڊيو آهي، آئون انهي رفتار سان ڪم ڪندس جنهن جي ??ون کي عادت آهي، ڀلي ان کي ڪير بري عادت سمجهي يا سٺي. هن چيو ته توهان (عمران خان) کي گهٻراهٽ ٿيندي پر عوام جي گهٻراهٽ ختم ٿي وئي آهي. وزيرا??ظم ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم ڪي سي آر کي ڪراچي جي عوام لاءِ انتهائي اهم وارو قرار ڏيندي چيني سفارتخاني جي ??اظم الامور کي ٻڌايو ته ان منصوبي جي ذريعي روزانو هزارين ماڻهو سفر ڪندا، 2016ع ۾ جڏهن آئون چين ويس ته سنڌ جي ??ڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ اين ڊي آر سي ويس ۽ مون اين ڊي آر سي جي چيئرمين کي درخواست ڪئي ته ڪي سي آر جي ??نصوبي ۾ تعاون ڪيو وڃي، اهي ان جي ??اءِ تيار هئا پر بعد ۾ حڪومت تبديل ٿي وئي ۽ جڪو ٿيو اهو تاريخ آهي. هن چيني ناظم الامور کي چيو ته هو ڪي سي آر منصوبي جي حوالي سان چيني قيادت کي منهنجي درخواست پهچائي.
منهنجي وزيراعظم بڻجڻ سان عوام جي گهٻراهٽ ختم ۽ عمران خان تي گهٻراهٽ طاري ٿي وئي آهي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا