اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوشش??ن استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اها ڳالهه هن پرڏيهي وز??رت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صد??رت ڪندي چئي. پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وز??رت جي سينيئر آفيسرن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي عالمي س??ح تي سرخرو ڪيو. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي انتهائي گهٽ وقت ۾ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وز??رت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بهترين سف??رت جي لاءِ معاشي پاڻڀرائپ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوشش??ن استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئ??ن انتهائي قابل سول سرونٽس ۽ سفيرن جي ٽيم جي سربراهي ڪري رهيو آهيان.
پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری