رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان ماحول جي بهتري لاءِ 10 بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي، موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا کي گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي، آمريڪا آءِ ڊي ا??ف سي ??ي ذريعي موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏي، پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري ا??غانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات بابت آمريڪي خصوصي نمائندي جان ڪيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مڊل ايسٽ گرين انيشي ا??ٽو (اي?? جي آئي) سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. پاڪستان حڪومت پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمريڪي خصوصي نمائندي کي موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن کي درپيش چئلينجن بابت پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي سميت پاڪستان جي قدمن ۽ تجربن کي اجاگر ڪيو. ماحولياتي تبديلي ۽ ماحوليات تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان تازو ئي منعقد ٿيندڙ يو ايس پاڪستان ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس تي اطم??نا?? جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ماحوليات بابت پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. آمريڪا جي خصوصي ا??لچي جان ڪيري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي گڏيل هم آهنگي جي شعبن بشمول آبهوا ۽ ماحوليات ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. هن موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو. آمريڪي ا??تظاميا پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان جان ڪيري وزيراعظم کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ بائيڊن انتظاميا پاران يو اين ايف سي ??ي سي ڪانفرنس آف پارٽيز (سي ا?? پي 26) ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي خلاف گڏيل طور تي مفيد موقعن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي خيالن، تجربي ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو ايس انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ا??ف سي) جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن م اضافي جي ا??ڪانن جو جائزو وٺي ته جيئن پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. آمريڪي خصوصي نمائندي چيو ته انهن شعبن ۾ تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي ۽ هن متبادل ذريعن سان بجلي جي پيداوار جي منصوبن سميت ٻطرفي تعاون جي موقعن جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ان سلسلي ۾ تعاون جي موثر فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ اڳتي جي قدمن جي تعين جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ا??ميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جو قيام ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري کي عملي طور تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته افغان عوا?? جي ڀلائي جي لاءِ مثبت رابطن ۽ اقتصادي وسيلن ۽ مالياتي اثاثا جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین