اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳ??ڻي نيب جي اڳ??ڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ??حم?? عمير جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ??حم?? عمير شرجيل انعام ميمڻ ريفرنس ۾ 15 اصل پراپرٽ?? ڊيڊ چورايا هئا، انڪوائري کانپوءِ نيب ??حم?? عمير کي نوڪري مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، نيب اڳ??ڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب چيئرمين جي سروس مان ڪڍڻ جي حڪم جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، صدر نيب پاران ??حم?? عمير کي سروس مان فارغ ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته ڏوهه جي نوعيت جي اعتبار سان نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي، نيب ??حم?? عمير جي خلاف قانون جي آخري حد تائين ڪارروائي ڪري، ??حم?? عمير اهم ڪاغذن جو واحد نگران هو، اسٽيل جي الماري مان ڪاغذ چوري ٿيا، الماري تائين رسائي صرف ??حم?? عمير کي حاصل هئي، عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪرڻ جو واعدو به ڪيو، عين وقت تي عدالت کي ڪاغذات چوري هجڻ جو ٻڌايو ويو جنهن جي ڪري ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي ضمانت ملي وئي، دٻاءُ وجهڻ کانپوءِ ڪاغذ برآمد ٿيا ۽ نيب کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، صدر چيو ته نيب جي تحويل مان اصل ڪاغذن جي چوري هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، پاڪستاني عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ ادارن کي دوکو ڏنو ويو، پاڪستان کي ڪرپٽ لٽيرن جي ڪري شديد نقصان کڻڻو پيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ باهه جي ڪري ثبوتن تي مشتمل عمارتون به سڙي وينديون آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سياستدانن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ به ڪاغذات چوري ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ڪاغذ حادثاتي طور تي نه پر هڪ ڪرپٽ آفيسر ڄاڻي وا??ي چورايا، فائل مان صرف ضروري ڪاغذ چوري ٿيا، باقي سڀ ڪاغذ موجود رهيا، چوري ڪو ٻاهر جو ماڻهو نه پر ڪيس جا تفصيل ڄاڻڻ واري ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته منهنجي لاءِ ان ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ نهايت تڪليف جو باعث آهي، ان مجرماڻي فعل جي ڪري قوم کي اربين روپين جو نقصان ٿيو، نيب اڳ??ڻي آفيسر جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد عمير جي اپيل رد
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل