اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي ٻئي ملڪ مذهب، تاريخ ۽ اخوت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، سعودي عرب سا?? اسان جا ل??ڳا??ا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، وزيراعظم عمران خان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي ل??ڳا??ن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو، پاڪستاني عوام جي دل مڪي ۽ مديني سا?? گڏ ڌڙڪي ٿي، اه??ن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي 91 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1932ع ۾ سعودي عرب ۾ حجاز ۽ نجد کي گڏائي سعودي عرب جو قيام عمل ۾ آيو جنهن کي نه رڳو مڊل ايسٽ پر دنيا جي تاريخ ۾ اهم مقام حاصل آهي، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز 1902ع ۾ رياض ۽ 1903ع ۾ الحصه کي فتح ڪيو ۽ حجاز ۽ نجد کي هڪٻئي سا?? ڳنڍيو، اهڙي طرح آلسعود هڪ نئين مملڪت جو بنياد رکيو، ان جي تاريخ حيران ڪندڙ آهي ته ڪهڙي طريقي سا?? هنن سعودي عرب جو بنياد رکيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ل??ڳا??ا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، 1940ع ۾ جڏهن شاهه عبدالعزيز پنهنجي پنجن ڀائرن سا?? گڏ ڪراچي آيو ته اسان جا سعودي عرب سا?? ل??ڳا??ا هموار ٿيا، هن چيو ته 1946ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار آيو ته سعودي عرب قائداعظم محمد علي جناح جي اپيل تي 10 هزار برطانوي پائونڊ آل انڊيا مسلم ليگ کي عطيو ڪيا، 1946ع جي آخر ۾ جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وئي ته ان جي وفد کي داخلا کان روڪيو ويو، ان وقت شاهه عبدالعزيز گڏيل قومن جي عهديدارن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي وفد کي گهرايو ۽ اهڙي طرح گڏيل قومن ۾ داخلا جي راهه هموار ڪئي، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز جو جهڙي قسم جو تعلق قائداعظم آل انڊيا مسلم ليگ سا?? هو اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ??هم حصو آهي، هن چيو ته 1960ع کانپوءِ پاڪستان جا سعودي عرب سا?? دفاعي ل??ڳا??ا قائم ٿيا، انهن ل??ڳا??ن جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن سلمان جي ذريعي ل??ڳا??ن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو آهي، اميد آهي ته اهي ل??ڳا??ا هڪ نئين رخ ۽ نئين منزل تي پهچندا. هن چيو ته وزيراعظم جي خاص نمائيندي حافظ طاهر محمود اشرفي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي ل??ڳا??ن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو سعودي عرب سا?? دل جو رشتو آهي، پاڪستان جي هر ماڻهو جي دل مڪي ۽ مديني سا?? گڏ ڌڙڪي ٿو ۽ انشاءُ الله اهي ل??ڳا??ا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج