اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي معاملي تي ڀارت جي غيرقانوني قدم?? ۽ ??يگناهه ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف پاڪستان ڀارت سان سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي آڻڻ، ڀارت سان ٻطرفو واپار معطل ڪرڻ، سمورين ٻطرفن معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ، گڏيل قوم?? ۽ ??لامتي ڪائونسل سان رجوع ڪرڻ ۽ 14 آگسٽ تي پاڪستان جو آزادي جو ڏهاڙو ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏهاڙي طور ملهائ?? جو فيصلو ڪيو آه??، 15 آگسٽ تي ڀارت جو آزادي جو ڏهاڙو ڪاري ڏينهن طور تي ملهايو ويندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي جاري بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي جيڪي قدم کنيا انهن جي فوري مذمت ڪئي وئي ۽ انهن کي رد ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن