ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان صدر اشرف غني رابطن جي ذريعي علائقائي سلامتي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهين جي دوران ٿيو جيڪو افغان صدارتي محل ۾ منقعد ٿيو. وزيراعظم آفيس طرف??ن جاري بيان موجب ڳالهيون نهايت خوشگوار ۽ دوستاڻو ماحول ۾ ٿيون، افغان صدر وزيراعظم ۽ ??ن جي وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي جڏهن ته وزيراعظم والهاڻي مهمانوازي تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر کي پاڪست??ن جي دوري جي دعوت به ڏني، افغان صدر اشرف غني وزيراعظم ۽ ??ن جي وفد جي ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻئي ??اس?? وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان صدر اشرف غني ارگ مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر محمد اشرف غني جي دعوت تي افغانست??ن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو.
وزيراعظم ۽ افغان صدر ۾ رابطن وسيلي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد