اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، ??شريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد جي اسڪولن جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ وزيراعظم پاران 200 بسن جي تحفي تي شهر جي رهواسين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي به مبارڪباد هجي اڄ هڪ ٻيو ڦيٿو ڪٽجي ويو آهي، آئنده به عوام لاءِ فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جا ڦ??ٿا ڪٽجند?? رهندا، خان صاحب توهان پاناما ڪيس کانپوءِ ڇا ڪندا ڇو ته توهان جي سياست ڪٽجي رهي آهي، عدالت ٻاهران عدالت هڻندڙن وٽ مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ا??ندو، اڃا به وقت آهي ته سبق سکو ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪريو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اعليٰ ??دل??ه ۾ اسان جي وڪيلن دليل شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اعليٰ ??دل??ه کي سمورا ثبوت پيش ڪيا ويندا ڇو ته جيئن ته وزيراعظم چيو هو ته جڏهن به ڪو مستنند فورم قائم ٿيندو ته اتي سمورا دستاويز پيش ڪيا ويندا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔