ڊيوس-19 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي ناڻي ??اري وزير محمد الجد عان چيو آهي ته پيٽرول تي ملڪي م??يش?? جو دارومدار 35 سيڪڙو رهجي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊيوس جي ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ سعودي ناڻي ??اري وزير خصوصي مباحثي دوران چيو ته قومي خزانو گهٽ کان گهٽ خساري ۽ وڌ کان وڌ موثر انداز ۾ استعمال ??يو پيو وڃي. هن چيو ته تيل تي قومي م??يش?? جو دارومدار پهرين 70 سيڪڙو تائين هو هاڻي صرف 35 سيڪڙو رهجي ويو آهي، هن جو چوڻ هو ته تيل کانسواءِ قومي پيداوار ۾ 65 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، ان لاءِ اقتصادي جهٽڪن باوجود سعودي م??يش?? جي حوالي سان اسان جون اميدون مثبت آهن. ناڻي ??اري وزير چيو ته سعودي م??يش?? جهٽڪن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار ۽ اقتصادي سڌارا جاري رکڻ جي حوالي سان پرعزم آهي، هن چيو ته دنيا جي طاقتور سعودي عرب جي ضرورت آهي ۽ اسان اهو هدف حاصل ڪرڻ جو پختو عزم رکون ٿا. هن چيو ته سعودي عرب جيڪڏهن طاقتور نه هوندو ته گهربل شڪل ۾ خطي جي مدد نه ڪري سگهندو. هن جو چوڻ هو ته جاگرافيائي ۽ سياسي خطرن ۽ موسمياتي تبديلي م??يش?? تي اثرانداز ٿي رهي آهي، تنهن هوندي به هو عالمي جهٽڪن کي منهن ڏيڻ لاءِ اقتصادي وسيلن ۾ تنوع پيدا ڪرڻ جي واضح پاليسي تي گامزن آهي، هن چيو ته گذريل سال اسان روزاني تقريبن 11 ملين بيرل تيل ڪڍيو ۽ ان جي اگهن ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، هي اسان جي لچڪدار رويي ۽ صلاحيت جي عڪاسي آهي. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر گذريل 7 سالن دوران روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا، 2023ع دوران 8 لک کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن کي روزگار فراهم ??يو ويو. هن جو چوڻ هو ته عورتن جي شرڪت سان م??يش?? وڌي ويجهي رهي آهي، ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن جو حصو تقريبن 36 سيڪڙو ٿي ويو آهي جيڪو سعودي ويزن جي مقرر ڪيل هدفن کان وڌيڪ آهي.
پيٽرول تي سعودي معيشت جو ڀاڙڻ 35 سيڪڙو رهجي ويو آهي: ناڻي وارو وزير محمد الجد عان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے