تهران -07 نومبر (اي پي پي) ايران ??زه تي ايٽمي بم ڪيرائڻ بابت اسرائيل جي ثقافت واري وزير جي بي??نن بعد گڏيل قوم?? کان فوري طور تي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير حسن امير عبداللهيان گذريل ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کان مطالبو ڪيو آهي، ته اهي اسرائيل کي ايٽمي هٿ??ار?? کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کي ان نسل پرست ۽ وحشي حڪومت کي هٿ??ار?? کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري ?? مستقل ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن آمريڪا کي ??زه ۾ نسل ڪشي جو مڪمل ذميوار قرار ڏنو. جيستائين اسرائيل جي وزير جو ??زه تي ايٽم بم ڪيرائڻ واري ڌمڪي جو تعلق آهي. هن فلسطيني ڌڙن جي حوالي سان چيو ته اهي بيان مزاحمت آڏو سندن حڪومت جي حقيقي شڪست کي ظاهر ڪن ٿا. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي، ته اها اسرائيل کان خطرناڪ ايٽمي خطري کي نظر ۾ رکن. هن ان خطري جي حوالي سان ايٽمي هٿ??ارن جي استعمال تي پابندي بابت اولهه جي ملڪن جي خاموشي تي تنقيد ڪندي چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اولهه جا دعويدار سال?? کان خيالي ۽ ڪوڙي خطري سان وڙهي رهيا آهن. پر کين اصل خطرو نظر اچي رهيو آهي ۽ هاڻي تائين انهن پاران ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
اسرائيل طرفان ايٽمي حملي جي ڌمڪي، گڏيل قومون ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪن: ايران
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس