ٽوڪيو – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي ماهرن ڪارالجي ذريعي اونهي سمنڊ مان سون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب جاپاني جي سامونڊي علائقي سان لاڳاپيل اداري (آءِ ايڇ آءِ) جا ماهر ڪارالجي استعمال ڪري اونهي سمنڊ مان سون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هنن ٽوڪيو کان اٽڪل چار سو ڪل?? ميٽر ڏکڻ ۾ آئوگاشيما نالي ٻرندڙ جبل واري ٻيٽ ۾ ست سو ميٽرن جي اونهائي ۾ هائيڊرو ٿرمل وينٽ مان اهو سون گڏ ڪيو آهي. وينٽ سمنڊ جي تهه ۾ کلندڙ هڪ جاءِ ??ي چئبو آهي جنهن مان معدنيات سان ڀرپور گرم پاڻي وهندو آهي. ان وينٽ جي پاڻي جي گرمائش اٽڪل 270 ڊگري سيلسي?? آهي، ماهرن ان جاءِ جي چونڊ ان ڪ??ي ڪئي جو اڳ ۾ ڪيل تحقيق مان خبر پئي ته ان هائيڊرو ٿرمل جي ??س پاس پهاڙن ۾ سون گهڻي مقدار ۾موجود آهي.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea