اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار زور ڏنو آهي ته قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ جدت ۽ مهارت جي علائقائي حصيداري ڏکڻ ??يشيا کي فوسل فيول تي دارومدار کي گڏيل طور تي گهٽ ڪرڻ ۽ سرسبز ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مدد فراهم ڪري سگهي ٿي، هن اقتصادي بحالي، موسمياتي تبديلي ۽ فني خلل سميت موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ ??يشيائي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائوٿ ايشين فيڊريشن آف اڪائونٽنٽس جي ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اقتصادي استحڪام جي لاءِ توانائي جي حفاظت تمام ضروري ??هي. پاڪستان ۾ توانائي جو بحران ڊگهي عرصي کان هڪ چئلينج رهيو آهي پر هي هڪ اهڙو شعبو آهي جتي بي پناهه موقعا موجود آهن. پاڪستان وٽ دنيا ۾ قابل تجديد توانائي جي سڀ کان وڏي صلاحيت آهي جنهن ۾ اسان شمسي ۽ هائيڊرو پاور جي ذريعي انرجي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته دنيا کي عالمي اقتصادي غيريقيني صورتحال، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط گورننس جي ضرورت جهڙا پيچيده مسئلا درپيش آهن. پاڪستان سڌارن ۽ تبديلي جي سفر جو نقشو ٺاهيو آهي جنهن جو مقصد اسان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ ??هي. اسان جو ڌيان هڪ اهڙو ماحولياتي نظام ٺاهڻ تي آهي جيڪو سيڙپڪاري جي حمايت ڪري، روانگ?? واپار کي فروغ ڏي ۽ انساني سرمائي جي اسان جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي. نائب وزيراعظم چيو ته هن فورم ۾ بصيرت ۽ بهترين طريقن جي حصيداري حصو وٺندڙ ملڪن کي پوري خطي ۾ وڌيڪ موثر طرز حڪمراني طرف هڪ رستو طئي ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ هن ڪانفرنس جي هر سيشن ۾ ڏکڻ ??يشيا جي معاشي مستقبل جي هڪ اهم رخ کي اجاگر ڪيو ويو. هن چيو ته اسٽريٽجڪ واپاري پاليسي جو فريم ورڪ، توانائي جي تنوع جا قدم ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي ايجنڊا هڪ لچڪدار معيشت جي تعمير جي لاءِ پاڪستان جي عزم جا ڪجهه مثال آهن. هن چيو ته پاليسي سڌارن ۽ گورننس وقت جي ضرورت هئي ۽ هاڻي اهو اختياري نه پر ضروري ??هي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ان جو مطلب ساختي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، هر سطح تي احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ادارن کي مضبوط ڪرڻ ??هي. هن چيو ته پاڪستان جي ٽيڪس پاليسي، پبلڪ فنانشل مئنيجمينٽ ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ جاري سڌارن جو مقصد ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ??هي. هن چيو ته ڏکڻ ??يشيا واپار جي لحاظ کان سڀ کان گهٽ ٺوس خطن مان هڪ آ??ي. بين العلائقائ?? واپار اسان جي ڪل واپاري ڪاٿي جي 5 سيڪڙو کان به گهٽ ??هي. پاڪستان ۾ اسان پنهنجي برآمدي صلاحيت کي غيرمقفل ڪرڻ جي لاءِ ٽيرف ۽ نان ٽيرف ٻنه?? واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت کي تسليم ڪريون ٿا. هن چيو ته ترجيح?? واپاري معاهدن، لاجسٽڪس ۾ سڌارن ۽ بارڊر مئنيجمينٽ جهڙا قدم انهي رخ ۾ کنيل قدم آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن فورم تي گڏيل ڳالهه ٻولهه وڌيڪ متحد ۽ خوشحال ڏکڻ ??يشيا جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اڪائونٽنسي جو پيشو ٽيڪنالاجي ۽ عالمگيريت ۾ ترقي جي ڪري تيزي سان ترقي ڪري رهيو ??هي. پاڪستان وٽ هن شعبي ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ آهي ۽ ICAPs، ڊيجيٽل ايشورنس پروگرام ۽ اڪائونٽنسي سروسز جي ايڪسپورٽ جهڙا قدم ان تبديلي سان هم آهنگ آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪانفرنس مڪالمي ۽ گڏيل عمل جي اهميت ک?? واضح ڪري ٿي. هي خيالن جي مٽاسٽا، حصيداري ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جو هڪ پليٽ فارم ??هي. هي نه رڳو پنهنجي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي پر دنيا جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جي طاقت اتحاد ۾ آهي ۽ مستقبل اڄ جي فيصلن تي منحصر ??هي. هن ڪانفرنس جا نتيجا وڌيڪ مضبوط، خوشحال ۽ لچڪدار ڏکڻ ??يشيا جي لاءِ سنگ ميل جي طور تي ڪم ڪندا.
قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ جدت ۽ مهارت جي علائقائي حصيداري ڏکڻ ايشيا کي فوسل فيول تي دارومدار کي گڏيل طور تي گهٽ ڪرڻ ۽ سرسبز ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مدد فراهم ڪري سگهي ٿي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha