اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ان حوالي سان گڏجي ڪم ڪن. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وز??را??ظم پنهنجي صدارت ۾ آءِ ٽي شعبي جي سڌارن تي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دا??ن شرڪت ڪئي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ هر شعبي جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. وز??را??ظم جي آءِ ٽي شعبي کي ترجيح بڻائڻ جي ويزن جي نتيجي ۾ گذريل چئن مهينن ۾ آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌاي?? ويو ته اي گورننس جي حوالي سان پاڪستان عالمي رينڪنگ ۾ 14 درجا بهتر ٿيو، 2500 نيون آءِ ٽي ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون جڏهن ته پاڪستان جي آءِ ٽي رينڪنگ 79 مان بهتر ٿي 40 ٿي وئي. اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار جي حوالي سان 15 ارب ڊالر، ٽيلي ڪام روانگي واپار سان 1 ارب ڊالر جڏهن ته ڊيجيٽائيزيشن سان 10 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو هدف رکي?? ويو آهي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار جي موجوده صورتحال کان پڻ آگاهه ڪي?? ويو. اجلاس کي تجويز ڪيل ليبر مئنيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي جنهن تحت صنعتن کان طلب جي ڊيٽا ??ستعمال ڪرڻ کانپوءِ تعليمي ادارن جي تعاون سان افرادي قوت جي صلاحيت وڌائي روزگار جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن خاص طور تي فري لانسرز کي مٽاسٽا ??ي ناڻي ۾ سهولت جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪي?? ويو. ان موقعي تي وز??را??ظم چيو ته پاڪستان وٽ باصلاحيت افرادي قوت ۽ وسيلن جي کوٽ نه آهي. وسيلن جي بهتر استعمال ۽ افرادي قوت کي تعليم ۽ تربيت جي ذريعي پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار 25 ڊالر کان به وڌي سگهي ٿو. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته آءِ ٽي شعبي جي سڌارن جي پيش ڪيل حڪمت عملي بهترين آهي، ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پيش ڪيل سڌارن جي راهه ۾ ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي تعاون ڪن. وز??را??ظم چيو ته آءِ ٽي شعبي جي سڌارن تي عملدرآمد جي آئون پاڻ نگراني ڪندس. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت ۽ هنر ڏيڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن هڪ حڪمت عملي تيار ڪري. پاڪستاني آءِ ٽي ماهرن جي نار ملڪن ۾ طلب موجود آهي، ان حوالي سان پڻ تجويزن کي جلد عملي جامعو پارايو وڃي. وز??را??ظم آءِ ٽي روانگي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان واضح هدف جوڙڻ ۽ هر قدم جي حوالي سان مدي جي تعين جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم آءِ ٽي شعبي جي سڌارن جي لاڳو ۽ مختلف ادارن سان تعاون جي فروغ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??را??ظم عالمي پيمنٽ گيٽ ويز جي حوالي سان ان قدم کي بهتر قرار ڏيندي ان تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان سڌارن بابت آگاهه ڪي?? ويو. وز??را??ظم آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. وز??را??ظم مقرر مدي ۾ ان تي عملدرآمد جي هدايت پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil