اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو جوڙڻ جي حوالي سان تمام واضح مؤقف آهي، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تش??د جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي. ڪالهه عورتن خلاف تش??د جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تش??د جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عورتن خلاف تش??د صرف هڪ فرد جو ذ??تي مسئلو ناهي پر هڪ سماجي مسئلو آهي جيڪو برابري ۽ انصاف جي بنيادي اصولن کي نقصان پهچائي ٿ??. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پ پ جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو ڏيڻ جي حوالي سان تمام ئي واضح مؤقف آهي، اسان هميشه ان مسئلي جي حل لاءِ آگاهي، وڪالت ۽ قانونسازي ذريعي اهم قدم کنيا آهن، ان سلسلي ۾ غيرت جي نالي تي (ڪرمنل لاز ترميمي ايڪٽ)، ڪم جي جاءِ تي ع??رتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ ايڪٽ جي منظوري هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا، ان کان علاوه سينيٽ ننڍپڻ ۾ شادي تي پابندي جي بل جي منظوري ڏني، اهي قانون پاڪستاني معاشري ۾ رائج انهن سماجي روين کي چئلينج ڪرڻ جي اهم ڪوشش آهن جيڪي ع??رتن خلاف تش??د کي هٿي ڏين ٿا، ج??هن ته اهو سفر اڃا ختم ناهي ٿ??و. هن چيو ته گهريلو تش??د، هراسان ڪرڻ، زبردستي شادي ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن مختلف قسمن جي صنفي تش??د پاڪستان ۾ لکين عورتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان کي روايتي روين جي خاتمي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ آهي، جيڪو عورتن خلاف تش??د جو معمول بڻائين ٿا، اڄ جي ڏينهن سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿي ته عورتن تي تش??د خلاف گڏ ٿي آواز اُٿارين، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تش??د جي خاتمي جي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر