اس??ام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چ??و ته اس??ام امن جو دين آهي ۽ ذاڪر نائيڪ اس??ام جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي آجيان ڪندي چيو ته مسلمان امت توهان تي ناز ڪري ٿي ته توهان سڄي دنيا کي اس??ام جي صحيح تشخص کان روشناس ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ??ه توهان جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وزيراعظم چ??و ته آئون توهان جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي ??يڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تاثير سان ڀرپُور هوندا آهن. وزيراعظم چ??و ته مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خوشي ٿي ته توهان جو پٽ به توهان جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي ۽ دين اس??ام جي خدمت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مون 1991ع ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي ياد تازي آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي ??يڪو اس??ام جي نالي تي ٺهيو، اس??ام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي ??يڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چ??و ته جيڪڏهن اسان اس??ام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ??ه سڄي دنيا ۾ اس??ام جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هو اس??ام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته اڄ منهنجي پاڪستان اچڻ جي خواهش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي، پاڪستان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي ??يڪو اس??ام جي نالي تي وجود ۾ آيو، پاڪستان جي عوام جو اس??ام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي خواهش پوري ڪئي ۽ آئون پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آيو آهيان، ان تي آئون پاڪستان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پاڪستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار