اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سي??ي??ر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ترڪيه سان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو ۽ پاڪستان جي هوابازي جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ويز?? موجب آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه جي پيگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان سان ڳالهائيندي چئي. ا?? موقعي تي لڪي سي??نٽ لميٽيڊ جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ترڪيه جي هوابازي جي صنعت جي حڪمت عملي جو عمومي جائزو پيش ڪيو ۽ هُن اهم رخن تي روشني وڌي جيڪي پاڪستان ۾ هوابازي جي شعبي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ايوي ايشن انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪيه جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سي??ي??ر محمد اورنگزيب ترڪيه جي واپار ??اري وزير سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ايوي ايشن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي.
ترڪيه سان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس