اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت مقرر آئيني مدي کانپوءِ ڪو به ميمبر هڪ پارٽي ۾ شموليت کانپوءِ ڪنهن ??ئي پارٽي ۾ شامل نه ٿي سگهندو، جيڪا پارٽي مخصوص سيٽن لاءِ پنهنجي ترجيحي فهرست جمع نه ڪرائيندي اها مخصوص سيٽن جي اهل نه هوندي، رٽرننگ آفيسر وٽ پارٽي ٽڪيٽ جمع نه ڪرائيندڙ اميدوار آزاد تصور ٿيندو. گذريل ڏينهن ??ومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين رانا ارادت شريف خان، چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع غور هيٺ آڻڻ لاءِ لاڳاپيل قاعدا معطل ڪيا وڃن. ايوان ??ان رٿ جي منظوري کانپوءِ بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري غور هيٺ آندو وڃي. سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر صاحبزاده صبغت الله ۽ علي محمد خان بل ۾ ترميمون پيش ڪيون جن جي قانون واري وزير، اعظم ??ذير تارڙ مخالفت ڪئي. صاحبزاده صبغت الله چيو ته هي ايڪٽ آئين جي آرٽيڪل 119 ۽ 112 جي ڀڃڪڙي ۽ آئين جي ابتڙ آهي، اسان سمجهون ٿا ته بل جو جائزو وٺڻ لاءِ ان کي وسيع بنياد تي سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي. علي محمد خان ??نهنجي ترميم جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته پارليامينٽ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ درست ناهي، اڄ مون کي جيڪڏهن ??نهنجو حق ملي رهيو آهي ته سڀاڻي مون کي ان حق کان ??حروم نٿو ڪري ??گه??ي. اهو حق اسان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملي چڪو آهي ان بل کي رد ڪريون ٿا، قانونسازي ملڪ جي مفاد ۾ ٿيڻ گهرجي، ان بل خلاف اسان سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين. جنهن جي جواب ۾ قانون واري وزير، اعظم ??ذير تارڙ چيو ته قانونسازي هن ??قدس ايوان جو اختيار آهي ۽ هي قانونسازي آئين جي روح موجب آهي. اها ترميم ڪنهن جو رستو روڪڻ لاءِ ناهي، انهن جي 81 ميمبرن الله کي حاضر ناضر ڄاڻي اهو حلف نامو جمع ڪرايو هو ته سندن تعلق پي ٽي آءِ سان ??اهي پر سني اتحاد ڪائونسل سان آهي. اعظم ??ذير تارڙ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 تحت اهڙي پارٽي جنهن ان ??ليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو ئي نه ورتو هجي ان کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي ??گه??ن. ايوان ??ان بل تي پهرين خواندگي جي رٿ منظور ٿيڻ بعد اسپيڪر هڪ ٻئي پويان بل جي سمورين شقن جي ايوان ??ان ??نظوري حاصل ڪئي. بل ۾ بلال اظهر ڪياني ۽ زيب جعفر رٿون پيش ڪيون جن جي قانون واري وزير، اعظم ??ذير تارڙ مخالفت نه ڪئي. ايوان ??ان ترميمون منظور ٿيڻ کانپوءِ بل ۾ شامل ڪيون ويون. بلال اظهر ڪياني چيو ته جيڪي ترميمون آنديون ويون آهن اهي پهريان کان ئي آئين ۾ لکليل آهن، ڪو اميدوار رٽرننگ آفيسر وٽ پارٽي ٽڪيٽ جمع نه ڪرائيندو ته اهو آزاد اميدوار تصور هوندو. ٻي ترميم اها آهي ته مقرر وقت تائين جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي پنهنجي مخصوص سيٽن جي ترجيح فهرست جمع نه ڪرائي ته اها مخصوص سيٽن لاءِ اهل ناهي جڏهن ته ان کانسواءِ ٽئين ترميم اها آهي ته جيڪڏهن ??ڪ دفعو ڪو آزاد اميدوار چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن ??ارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري وٺو ته پوءِ ڪنهن ??ي پارٽي ۾ شامل نٿو ٿي سگهي. اهي شقون آئين ۽ قانون ۾ موجود آهن. بلال اظهر ڪياني رٿ پيش ڪئي ته چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي چونڊ (ٻي ترميم) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری