اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان بئ??ڪ الفلاح جي صدر/سي اي او عاطف باجوه ۽ ڊجيٽل بئ??ڪنگ گروپ جي هيڊ يحييٰ خان بي آءِ ايس پي ه??ڊڪ??ارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حقدار عورتن کي رقم جي ورڇ ۾ شفافيت ۽ انهن جي عزت نفس کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين دوران سينيٽر روبينه خالد بئ??ڪ جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن کي ڪلائنٽس طور ترجيح ڏين ۽ پنهنجي وظيفي جي رقم مان ڪٽ??تين کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن. ٻئي طرف بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪندڙن لاءِ فني ۽ هنر جي تربيت جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. عاطف باجوه بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙن لاءِ پائيلٽ مرحلي طور هنر جي تربيت جو منصوبو شروع ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. انهن گڏيل منصوبن کي بي آءِ ايس پي ۽ بئ??ڪ الفلاح ٻنهي جي فني ٽيمن جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ويندو ته جيئن مثبت نتيجا حاصل ٿي ??گهن.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena