اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي سيڙپڪار وفد جو پاڪستان اچڻ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي آهي. هن ان دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان وفاقي وزيرن، آفيسرن ۽ عملي جي ڪارڪرد??ي کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي ايئر سيال کي چين، ملائيشيا، سريلنڪا، ٿائيلينڊ، تر??يه، برطانيا ۽ ڪويت ۾ فلائيٽ آپريشنز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها منظوري نيشنل ايوي ايشن پاليسي 2023ع ۽ ايئر سروسز ايگريمنٽ تحت ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ ڪنگڊم آف ڪولمبيا جي وچ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون جڏهن ته وفاقي تعليم ?? فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن کي انساني حقن واري وزارت کان وفاقي تعليم ?? فني تربيت واري وزارت جي حوالي سان ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيني سيڙپڪاري منصوبن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 30 اپريل 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی