اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت وفاقي وزير سيد محسن ??قوي چيو آهي ته الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي ??هت?? طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، وڪيل برادري لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري پئي سگهياس??ن ڪيو، وڪيل برادري منهنجي دل جي ويجهو آهي. هڪ مقامي هوٽل ۾ وڪيل اڳواڻن طرفان ڏنل سندس اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر احسن ڀون، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي عهديدارن، پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ مختلف بار ايسو سي ايشنز جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. هن چيو ته مان ٽيم ورڪ تي يقين رکان ٿو ۽ ٽيم ورڪ سان ??هت?? نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان موقعي تي وڪيل برادري وفاقي وزارت جو منصب سنڀالڻ تي محسن ??قوي کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وڪيل برادري جي ڀلائي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪرڻ تي محسن ??قوي جا ٿورا پڻ مڃيا.
الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن