اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش ت?? ايئر ڪموڊور محمد عاطف هاشم جي ٽيڪنيڪل پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس بورڊ ۾ ميمبر طور مقرري جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. اهو فيصلو 19 جولاءِ 2023ع کان لاڳو هوندو. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش ت?? نادرا جي آرڊر جي لا??ِ اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل ڪيٽيگري اي جي آڊٽ فرم جي خدمتن کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ کليل واڪن جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. ان فيصلي سان وفاقي ڪابينا جي 2019ع جي ڪيل فيصلي ۾ ترميم ڪئي وئي. جنهن موجب نادرا جي آڊٽ جي لا??ِ رڳو 4 وڏين ۽ مشهور آڊٽ فرمز جون خدمتون حاصل ڪري سگهيون پئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نادرا جي آڊٽ کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ عالمي معيار موجب آڻڻ جي لا??ِ ضروري آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪيٽيگري اي ۾ رجسٽرڊ سڀئي آڊٽ فرمز کي نادرا جي آڊٽ جي لا??ِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سفارش ت?? ”سائبر سيڪيورٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان“ جي م??صوبي کي بطور قومي ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (nCERT) چونڊڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سائبر سيڪيورٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان جو منصوبو قومي ترقياتي بجيٽ ۾ شامل آهي ۽ ان تي ڪم اڳ کان جاري آهي. وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سي ڊي اي م??ازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ پاليسي پيش ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي م??جب سي ڊي اي کي ان ڳالهه جو تعين ڪرڻو هو ته ملازمن کي رعايتي اگهن تي پلاٽ ڏيڻ سان سي ڊي اي جي آمدني ۾ ڪهڙو فرق ايندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ قيمتي زرعي زمين جو استعمال ڪرڻ بدران وڏين عمارتن جي تعمير تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي گهر مهيا ٿي سگهن ۽ جلد کان جلد ان ڏس ۾ پاليسي جوڙي وڃي. ڪابينا الاٽمينٽ جي پيش ڪيل پاليسي تي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. وفاقي ڪابينا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سفارش ت?? ايڊاپٽيشن ايڪٽ جي سيڪشن 5 (2) ۾ ترميم ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. ان ترميم تحت ان سيڪشن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي جڳهه آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جا لفظ استعمال ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي پاران موبائيل فون نيٽ ورڪ اسپيڪٽرم جي لا??يسنس فيس ۽ تجديد فيس آزاد حڪومت رياستي ڄمون ۽ ڪشمير کي م??تقل ڪري سگهجي. وفاقي ڪابينا پرائيويٽائيزيشن ڪميشن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 جنوري ۽ 7 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ