اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي انتظام هيٺ آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان 10 ۽ 11 مئي تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي، عالمي ڪنوينشن ۾ معزز مهمانن جي شرڪت لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي، سعودي عر??، ايران، تاجڪستان، آذربائيجان، سريلنڪا، ڪينيا، بيلجيم، شام ۽ لبنان جي پارلياماني وفد اسلام آباد پهچي ويا. سعودي عر?? جو پارلياماني وفد چيئرمين مجلس شوريٰ ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربراهي ۾ پاڪستان پهچي ويو. وفد جي قوم?? اسيمبلي جي ڊپٽ?? اسپيڪر زاهد اڪرم دران?? اسلام آباد ايئرپورٽ تي سعودي وفد جو استقبال ڪيو. قوم?? اسيمبلي جي ڊپٽ?? اسپيڪر سعودي وفد کي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت تي سعودي وفد جو ٿورو مڃيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عر?? وچ ۾ لاڳاپا انتهائي اهميت وارا آهن، ايران جو پارلياماني وفد ڊاڪٽر وحيد جلال زاده سربراهه قومي سلامتي۽ پرڏيهي پاليسي ڪميشن، ايراني پارليامينٽ جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتو. قوم?? اسيمبلي جي ميمبر سيد علي موسيٰ گيلاني ايران جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪئي. ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا ۽ ڀائيچاري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، علي موسيٰ گيلاني ايران جي پارلياماني وفد جو آئين جي گولڊن جوبلي ڪنويشن ۾ شرڪت تي وفد جي آجيان ڪئي. ڊپٽ?? اسپيڪر عادل عابش جي سربراهي ۾ آذربائيجان جي پارلياماني وفد جو استقبال قوم?? اسيمبلي جي ميمبر رومينه خورشيد عالم ڪيو. لبنان جو پارلياماني وفد لبنان جي ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم هاشم جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتو. لبنان جي پارلياماني وفد جو استقبال قوم?? اسيمبلي جي ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني ۽ قوم?? اسيمبلي ميمبر محمد خان ڪيو آهي. تاجڪستان جي پارلياماني وفد کي قوم?? اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر شازيه صوبيه، اسلم سومرو اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. شام جي پارلياماني وفد عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهتو، قوم?? اسيمبلي ميمبر محمد خان ڊاها اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد جي آجيان ڪئي. ڪينيا ۽ سريلنڪا جا پارلياماني وفد گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهتا، قوم?? اسيمبلي جي اعليٰ عملدارن ڪينيا ۽ سريلنڪا جي پارلياماني وفدن جو اسلام آباد ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.
آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان 10 ۽ 11 مئي تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری