اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 10 مارچ تي بيجنگ ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بيان تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفاري لاڳاپن جي بحالي کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي دانشمندي ۽ دورانديشي جو ثبوت قرار ڏنو. پرڏيهي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي اهم ڪر??ار کي پڻ ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي سان پاڪستان جي ويجهي ڀائراڻ?? لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ??ي تجديد پوري خطي جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرف?? لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ??رڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو