اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ??ن موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏيهي سيڪريٽري ??ان ڳالهائيندي ڪن گينگ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ چين جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ پاڪستان کي هر قسم جي تعاون جاري ??کڻ جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ??سد مجيد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي ورجايو ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظ??ار ڪيو. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري ??وران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ)، واپار ۽ سيڙ??ڪا??ي، مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر