اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي، 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ويڪسي نيشن کي هنگامي بنيادن ت?? يقيني بنائڻ ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن ت?? اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻا??و وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطي سميت پوري دنيا ۽ پاڪستان ۾ هن وقت ڪوويڊ 19 جي صورتحال، ڪورونا وائرس جي نئين قس??، ان جي روڪٿا?? جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ويڪسي نيشن جي حوالي سان ت??صيلي آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ويڪسي نيشن کي هنگامي بنيادن ت?? يقيني ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن ت?? اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻا??و وڃي. سرحدن ۽ هوائي اڏن ت?? اسڪريننگ جي نظا?? جي ٿرڊ پارٽي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 15 هفتن ۾ ڪوويڊ 19 سان هڪ به فوتگي نه ٿيڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. مون سميت پوري قوم ويڪسين عطيو ڪندڙ ملڪن جي ٿورائتي آهي. ڪوويڊ 19 انفي??شن جي گهٽ شرح خوش آئنده آهي پر اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو. ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻندڙ سمورن عهديدارن ۽ اين سي او سي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم سان پاڪستان کي ظاهري طور ڪو خطرو نه آهي ڇو ته پاڪستان جي 90 سيڪڙو آبادي مڪمل طور تي ۽ 95 سيڪڙو آبادي جزوي طور تي ويڪسينيٽيڊ آهي. 5 کان 12 سالن جي ٽن ڪروڙ 50 لک ٻارن ۾ ويڪسي نيشن جي شرح 25 سيڪڙو آهي جڏهن ت?? ان کي ايندڙ مهينن ۾ 100 سيڪڙو ڪ??و ويندو. پاڪستان ۾ انفي??شن جي سراسري شرح 0.2 کان 05. سيڪڙو آهي ۽ گذريل 15 هفتن کان ڪوويڊ 19 سان ڪا فوتگي ناهي ٿي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قس?? جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ سرحدي رستن ت?? موثر انتظام ڪيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ هوائي اڏن ت?? رينڊم سيمپلنگ جي شرح وڌائي 2 سيڪڙو ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ملڪن کان ايندڙ هوائي جهازن جي فيوميگيشن سان گڏوگڏ مسافرن جي اسڪريننگ به وڌيڪ موثر بڻائي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته حڪومت جي قدمن ۽ وزيراعظ?? جي خصوصي ڌيان جي ڪري پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي جنهن ۾ جينوم سرويلنس يقيني بڻائي وئي آهي جنهن جي ڪري تمام جلد وائرس جي نئين قس?? جي نشاندهي ممڪن ٿئي ٿي. وزيراعظم نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت، اين سي او سي عملدارن ۽ سول ايوي ايشن عملدارن کي ڪوويڊ 19 جي روڪٿا?? جي قدمن کي پڻ ساراهيو.
پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي، ملڪ جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے