اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چ??ن جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??ن جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. چ??ن جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ ازبڪستان ۾ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ملاقات ٿي هئي. ڪميونسٽ پارٽي چ??ن جي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چ??ن جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جو ٻن ڏينهن جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران چ??ن جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳا??هي??ن ٿينديون. ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سدا بهادر، آزمايل، اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتون ۽ اجلاسن ۾ علا??قا??ي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري جي دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جا ??ه امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea