اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه هن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. نلتر وادي ۾ پاڪ فضائيه طرفان رليف ۽ بحا??ي جو ڪم به زورن تي آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جي ايئر موبلٽي ڪمانڊ هيلي ڪاپٽرز ?? سي 130 جهازن جي 89 اڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر انهن علائقن تائين ام??اد?? سامان پهچايو ويو جنهن تائين زميني رستن ۾ پهچڻ مشڪل هو. انساني همدردي تحت پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرو??تم??د خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پڪل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي شين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون بوتلون ورهايون آهن. هن وقت تائين پاڪ فضائيه طرفان 16 ٽينٽ سٽيز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي کانسواءِ 14822 مريضن جو پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون مفت طبي معائنو ڪري رهيون آهن، پاڪ فضائيه جون ام??اد?? ڪارروايون اڃان تائين جاري آهن.
سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فضائيه جون امدادي ڪارروايون جاري
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال