اسلام آباد – 20 – ??ون (اي پي پي) پاڪستان ۾ 30 لک افغان پناهگيرن کانپوءِ روهنگيا ??اس??ن جو انگ به 4 لک تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ??ي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هن وقت به 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي مي??با??ي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 4 لک روهنگيا ??اس??ن به پاڪستان ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ بيان ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ساٿ ڏين، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي ياد ۾ عالمي برادري سان گڏ آهي، ان ڏينهن کي ملهائيندي اسان ??ڄي دنيا ۾ پناهگيرن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان ??بري لڏپلاڻ جي محرڪن تي غور ڪريون ۽ تڪرارن جي روڪٿام ۽ انهن جي حل سميت پناهگيرن جي هالتن لاءِ پائيدار حل ڳولڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڏينهن عالمي بار ۽ ذميداري جي سهڪار جي اصول تحت پناهگيرن جي تحفظ لاءِ اسان ??ي اجتماعي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو به موقعو آهي، بيان موجب پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ??نيا جي سڀ کان وڏي ۽ ڊگهي ترين پناهگيرن جي حالتن ۾ هڪ جي ذميداري پنهنجي ڪلهن تي کنئي آهي، پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي مي??با??ي ڪري رهيو آهي جڏهن ته 4 لک روهنگيا ??اس??ن به پاڪستان ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيئن جيئن سڄي دنيا ۾ نيون حالتون اڀري رهيون آهن عالمي برادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، ڪووڊ سان ??ڙيل سماجي، اقتصادي ۽ صحت جي چئلينجن جي ڏس ۾ نئين عالمي عزم جي ضرورت آهي، افغان پناهگيرن لاءِ باقاعده، متوقع ۽ مناسب مالي امداد جي ذريعي انهن جي محفوظ ۽ باوقار واپسي جي ضرورت آهي، پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغان ??ي استحڪام ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري قدم کڻڻ اهم آهي ته جيئن مستقبل ۾ پناهگيرن جي ملڪ مان نڪرڻ جي امڪانن کي روڪي سگهجي، پاڪستان ??ن ڏينهن جي مناسبت سان گڏيل ق??من جي پناهگيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر کي سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ۽ مي??با?? برادري جي حمايت جي واکاڻ جوڳي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان يو اين ايڇ سي آر سان پنهنجي قابل قدر سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو منتظر آهي، اسان ??المي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن لاءِ پائيدار هل لاءِ ان ??ي ڪوششن ۾ تنظيم جو ساٿ ڏي.
پاڪستان ۾ 30 لک افغان پناهگيرن کانپوءِ روهنگيا واسين جو انگ به 4 لک تائين پهچي ويو، عالمي برادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هن وقت به 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا