لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن، پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نواز شريف ايٽمي ڌماڪن جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ ب??را?? ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته موجوده حالتن ۾ غريب خاندان رلي ويا آهن، هڪ وقت جي ماني، علاج لاءِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهباز شريف چيو ته پيڙهيل ماڻهن لاءِ 28 ارب روپين جي فنڊز جو پيڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت غريب گهراڻن کي 2 هزار روپي?? ماهوار ڏنا ويندا، وزير??عظ?? چيو ته اسان جي اولين ترجيح معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي جنهن جي لاء?? هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايٽمي ڌماڪن جي وقت اڳوڻي وزير??عظ?? نواز شريف کي هر قسم جي لالچ ڏني وئي، پر هو نه ته ڪنهن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمر??ڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چيو ته توهان 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري رهيا آهيو ان تي توهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، مون کي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏينداسين.
عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ