اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پوري قوم کي ايٽ??ي طاقت هجڻ تي فخر آهي، يوم تڪ??ير پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تڪ??ير جي ڏه??ڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 28 مئي پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ان ڏينهن ايٽمي ڌماڪن جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان جي خلاف جارحيت ڪندڙن جو انجام عبرتناڪ ٿيندو، ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان دشمن ملڪ ڀارت جي برتري جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، هن چيو ته ايٽمي صلاحيت پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي، سڄي قوم کي ايٽ??ي طاقت هجڻ تي فخر آهي، تڪ??ير جو ڏه??ڙو پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، هن چيو ته پاڪستان ايٽ??ي طاقت هجڻ جي ڪري مسلمان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته قومي يڪجهتي ايٽمي سياستدانن ۽ پاڪ فوج جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي ڪري پاڪست??ن کي هڪ ايٽ??ي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پاڪست??ن کي ايٽ??ي طاقت بنائڻ لاءِ قومي قيادت جي نه جهڪندڙ عزم کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ