اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ??شم??ر جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موثر لائحه عمل اختيار ڪري قدم کڻڻ سان بهتري ممڪن ٿي سگهي ٿي، پاڪستان جي عوام ۽ ادارا ??شم??رين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ا??هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ ا??هن جي آزادي کي حاصل ڪرڻ تائين ڪ??هن به قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم يڪجهتي ??شم??ر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ڪيو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 5 فيبروري جو ڏي??هن ??شم??رين جي آزادي جي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جو ڏي??هن آهي، ج??هن کي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو آهي، اهو ڏي??هن ??شم??رين سان مڪمل يڪجهتي جو ڏي??هن آهي، ??شم??ر جي مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جون سڀئي سياسي پارٽيون، ادارا ۽ سڄي قوم هڪ زبان آهي. ??شم??ر جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ??شم??ري عوام جي امنگن موجب هوندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۽ خاص طور تي گڏيل قومن جي انساني حقن جي تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته انتها پسند ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ??شم??ر جي خصوصي حيثيت ۾ تبديلي ڪري انساني حقن جي پائمالين جي بدترين مثالون قائم ڪندي لکين ??شم??رين کي ا??هن جي بنيادي حق کان محروم ۽ نظربند ڪري ڇڏيو آهي، انتهاپسند ڀارتي حڪو??ت والاريل ??شم??ر ۾ هندوئن جي نوآبادڪاري جي سازش کي فروغ ڏئي رهيو آهي ته جيئن والاريل ??شم??ر ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، صادق سنجراڻي چيو ته ??شم??ر ۾ وڌندڙ ڀارتي بربريت، ظلم ۽ زيادتي ۽ انساني حقن جي بدترين پائمالين سان نه رڳو ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا ۾ ظاهر ٿيو آهي پر ا??هن جي غير قانوني قدمن تي آواز اٿي رهيا آ??ن، ڀارت جي موجوده حڪومت نه رڳو ??شم??رين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پر ڀارت ۾ رهندڙ سڀني اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن جا ادارا، تنظيمون ۽ جمهوريت پسند ملڪ ??شم??ر جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ??شم??رن جي خواهشن موجب حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.
ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موثر لائحه عمل اختيار ڪري قدم کڻڻ سان بهتري ممڪن ٿي سگهي ٿي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا