اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي حصو آهي، چونڊ سڌارن جي ??مل ۾ مخالف ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي لاءِ سڄ?? ٽيڪنالاجي مڪمل آهي، انشاءُ الله 2023ع جون عام چونڊون ان نئين ميڪنزم تحت ٿينديون جيڪو پي ٽي آءِ جي ??ڪومت اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو، ريلوي حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، سئو کان و??يڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ماضي ۾ ريلوي جي ??عبي ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي ڪري ٽريڪ خراب حالت ۾ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار داڪٽر بابر اعواڻ، احتساب وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ريل حادثي جي ??فصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 7 جون جي ??بح ڏهرڪي ۽ ريتي جي مقام تي ملت ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙي تان لهڻ کانپوءِ ملت ايڪسپريس ۽ سر سيد ايڪسپريس جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، هن ٻڌايو ته 3 لڳي 43 منٽن تي سکر ڪنٽرول روم کي اطلاع مليو ته ملت ايڪسپريس ڄاڻايل هنڌ تي ڊي ريل ٿي وئي آهي، ان کانپوءِ سر سيد ايڪسپريس به انهي وقت 3 لڳي 38 منٽن تي متاثر بوگين سان ٽڪرائجي وئي، هن چيو ته حادثي جي نتيجي ۾ ملت ايڪسپريس جو 6 بوگيون ڊي ريل ٿيون ۽ 5 بوگيون ڪلٽي ٿيون، سر سيد ايڪسپريس جون 2 بوگيون ڊي ريل ٿيون ۽ 3 بوگيون ڪلٽي ٿيون، هن چيو ته ڊي ايس، ڊپٽي ڊي ايس، ڊي سي او، ڊي ايم اي ۽ اي ٽي او حادثي واري جاءِ تي پهچي ويا هئا، ريلوي واري وفاقي وزير خصوصي جهاز جي ??ريعي صبح نائين و??ي حادثي واري جاءِ تي پهتو، 31 ماڻهو حادثي ۾ فوت ٿيا ۽ سئو کان و??يڪ زخمي آهن، هن چيو ته سڄ?? قوم متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي ??ريڪ آهي.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي حصو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز