اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عملي تربيت ۽ هنرمند افرا??ي قوت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي افرا??ي قوت ۾ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وقت سر قدمن سان انهن جي صلاحيتن کي نکاري عالمي سطح تي پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ جا موقعا ڏنا وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنرمندي جي تعليم جي حوالي سان بين الصو??ائ?? تعاون بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، صو??ائ?? وزيرن راجا ياسر همايون، ڪامران بنگش، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون سردار تنوير الياس، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اي او شباهت علي شاهه، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسين، ٽيوٽا جي چيئرمين علي سلمان صديقي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سجاد برقي، عاطف خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان جي هنرمند ماڻهن کي عالمي معيار موجب تربيت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني افرا??ي قوت کي عالمي سطح تي جيڪي چئيلنجز درپيش آهن ان جي لاءِ صو??ائ?? ۽ وفاقي ادارن جي تعاون سان هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي ويندي، ماضي ۾ ان شعبي کي نظرانداز ڪرڻ نوجوان نسل کي هنرمند افرا??ي قوت ۾ تبديل ڪرڻ بدران بيروزگاري ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ کوٽ جو سبب ب??يو.
پاڪستان جي افرادي قوت ۾ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز