اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صدر اشرف غني ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ افغانستان ۽ خطي جي امن، سلامتي ۽ خوشحالي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري پريس رليز موجب عمران خان چيو ته افغانستان بابت پاڪستان جي سوچ جو ان??ازو ان جي ڀائيچاري جي جذبي کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو، ڊگهي افغان تڪرار افغانستان کي جتي تباهه ڪيو اتي ان جا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان تي پڻ اث?? ڏسي سگهجن ٿا.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن