بيجنگ ??? 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جي ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ان جي ڪاميابي?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ فائدن جي لاءِ ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معامل?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وڌندڙ سياسي ۽ اقتصادي بي يقيني واري حالت?? تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات پيپلز گريٽ هال ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان گڏيل مفادن جي تحفظ، گڏيل تصورن ۽ ڊگهي مدي واري نظام جي فروغ لاءِ چين سان گڏ بيٺل آهي، غربت جي خاتمي ۽ بدعنواني جي خاتمي جي شعبن ۾ چين جي تجربن ما?? سکڻ جا خواهشمند آهيون.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری